15
وڏن جون ريتون رسمون
(مرقس 7:1-13)
1تنهن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ نيم شاستري يسوع وٽ آيا ۽ چيائونس تہ 2”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ رسوئي کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“ 3پر يسوع کين وراڻي ڏيندي چيو تہ ”ڀلا اوهين ڇو پنهنجي انهن ريتن رسمن جي ڪري ايشور جو حڪم ڀڃو ٿا؟ 4#خر 20:12، 21:17، شر 5:16، لاو 20:9 جيئن تہ ايشور فرمايو آهي تہ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪريو‘ ۽ ’جيڪو بہ پنهنجي پتا يا ماتا جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي،‘ 5پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماتا يا پتا جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هو چوي ٿو تہ ”اها ايشور جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي،“ 6تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پتا جو مان نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري ايشور جي وچن کي رد ڪريو ٿا. 7اي پاکنڊيؤ! بيشڪ ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح فرمايو آهي تہ
8 #
يس 29:13
’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا،
پر دل سان نہ ٿا چاهين.
9هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن،
ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين
ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“
انسان کي اپوِتر ڪرڻ واريون شيون
(مرقس 7:14-23)
10پوءِ يسوع سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو 11تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي #15:11 اپوِتر هي لفظ پوِتر جو ضد آهي، جنهن کي ٻين ترجمن ۾ ”ناپاڪ“ يا ”پليت“ ۽ ڪن حوالن ۾ ”حرام“ پڻ لکيو ويو آهي.اپوِتر نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي اپوِتر ڪري ٿي.“
12تڏهن چيلن اچي چيس تہ ”گرو! ڇا اوهان کي سڌ آهي تہ اوهان جي هيءَ ڳالهہ فريسين کي ڏاڍي بري لڳي آهي؟“ 13تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منهنجي آڪاش واري پتا نہ پوکيو آهي سو ضرور پاڙان پٽيو ويندو. 14#لو 6:39 سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“ 15تنهن تي پطرس کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اپوِتر ڪرڻ واري مثال جي معنيٰ ڇا آهي.“ 16يسوع چيو تہ ”اوهين بہ اڃا تائين بيسمجھہ آهيو ڇا؟ 17ايتري بہ سڌ نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي پوي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاهر نڪري وڃي ٿو. 18#مت 12:34 پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي اپوِتر ڪن ٿيون. 19هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري. 20اهي ئي تہ ڳالهيون آهن جيڪي انسان کي اپوِتر ڪن ٿيون. پر اڻڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهوءَ کي اپوِتر نہ ٿو ڪري.“
هڪ غير يهودي ناريءَ جو وشواس
(مرقس 7:24-30)
21 پوءِ يسوع اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شهرن جي علائقي ڏانهن ويو. 22اتان جي هڪ ڪنعاني ناري يسوع جي پٺيان وڏي آواز سان پڪاريندي ٿي آئي تہ ”اي سوامي! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو. منهنجي ڌيءَ ۾ ڀوت آهي، جيڪو کيس ڏاڍو ستائي ٿو.“ 23پر يسوع ان ناريءَ کي ڪو جواب نہ ڏنو. تڏهن سندس چيلن ويجھو اچي منٿ ڪندي چيس تہ ”گرو! هن کي روانو ڪريو جو هوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“ 24تنهن تي يسوع چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي ڀَٽڪيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“ 25تنهن هوندي بہ هوءَ اچي پهتي ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري کيس چيائين تہ ”اي سوامي! منهنجي مدد ڪريو.“ 26يسوع چيس تہ ”اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي روٽي کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 27پر ناريءَ وراڻيس تہ ”سوامي! اهو تہ برابر آهي، پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي رسوئيءَ جا ڪريل ٽڪر کائيندا آهن.“ 28تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو وشواس رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.
گھڻن ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
29يسوع اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ويجھو پهتو ۽ ان جي ڪناري سان هلڻ لڳو. پوءِ هو هڪڙي ٽڪر تي چڙهي ويو ۽ اتي ويهي رهيو. 30ماڻهن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترائي بيمار آندا. انهن کي يسوع جي پيرن وٽ ويهاريائون ۽ هن کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 31ماڻهن جڏهن ڏٺو تہ گونگا ڳالهائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آهن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا، تڏهن هو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا.
چار هزار کان مٿي ماڻهن کي کارائڻ
(مرقس 8:1-10)
32يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“ 33تنهن تي چيلن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري روٽي اسين ڪٿان آڻينداسين؟“ 34يسوع پڇين تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست روٽيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون آهن.“ 35تنهن تي يسوع ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ 36پوءِ هن ست ئي روٽيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو ۽ چيلا خلق کي ڏيندا ويا. 37انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو چيلن ست کاريون ڀريون. 38جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد نارين ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل چار هزار هو.
39پوءِ يسوع ماڻهن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مگدن جي علائقي ڏانهن هليو ويو.