YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 19

19
1تڏهن پلاطس يسوع کي ڪوڙا هڻايا. 2سپاهين ڪنڊن جو تاج ٺاهي يسوع جي مٿي تي رکيو ۽ کيس واڱڻائي رنگ جو جبو پهرايائون. 3پوءِ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“ ان کان علاوہ هنن کيس منهن تي چماٽون بہ هنيون.
4پلاطس هڪ دفعو وري ٻاهر آيو ۽ ماڻهن کي چيائين تہ ”ڏسو، آءٌ هن کي ٻاهر اوهان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوهان کي سڌ پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 5پوءِ يسوع انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“ 6جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن يسوع کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي سوليءَ تي چاڙهيو، سوليءَ تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 7تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ موسيٰ جو نيم آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جو پٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“
8جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تہ هيڪاري اچي ڊپ ورتس. 9تڏهن هو محلات ۾ موٽي ويو ۽ يسوع کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ پر يسوع کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. 10تنهن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ ياد رک، مون کي اهو اختيار مليل آهي تہ تو کي آزاد ڪريان يا سوليءَ تي چاڙهيان.“ 11يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“
12تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ يسوع کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي راجا ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“ 13جڏهن پلاطس اهو ٻڌو تڏهن هو يسوع کي ٻاهر وٺي آيو ۽ جنهن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلهو“ چوندا آهن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آهن، تنهن جاءِ تي عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.
14اهو فصح جي تهوار جي #19‏:14 تياريءَ جو ڏينهن هن مان مراد سبت يا ڪنهن تهوار جي ڏينهن کان اڳ وارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن يهودي کاڌو وغيرہ تيار ڪندا هئا، ڇو تہ ٻئي ڏينهن سبت يعني آرام جو يا وڏو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ دور ۾ ٻئي ڏينهن جي شروعات سج لهڻ کان ئي ٿيندي هئي.تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ منجھند جو وقت هو. پلاطس انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اوهان جو راجا.“ 15پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي راجا کي سوليءَ تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ راجا نہ آهي.“ 16تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب يسوع کي سوليءَ تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو.
يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهڻ
(متي 27‏:32‏-44، مرقس 15‏:21‏-32، لوقا 23‏:26‏-43)
تڏهن سپاهي يسوع کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا. 17هو پاڻ پنهنجي سولي کڻي انهيءَ جاءِ تي آيو، جنهن کي عبرانيءَ ۾ ”گُلگُتا“ يعني ”کوپريءَ جي جاءِ“ سڏيندا آهن. 18اتي هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ ساڻس گڏ ٻين ٻن ماڻهن کي بہ سوليءَ تي چاڙهيائون، هڪڙي کي هڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ يسوع کي. 19پلاطس هڪ تختي سوليءَ تي هڻائي ڇڏي، جنهن تي لکيل هو تہ ”يسوع ناصري، يهودين جو راجا.“ 20گھڻن ئي ماڻهن اها تختي پڙهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي يسوع کي سوليءَ تي چاڙهيو هئائون، سا شهر جي ويجھو هئي ۽ لکت عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئي. 21اهو پڙهي يهودين جي سردار ڪاهنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو ها تہ ’يهودين جو راجا،‘ پر هيئن لکايو تہ ’هن جو چوڻ هو تہ آءٌ يهودين جو راجا آهيان.‘“ 22تنهن تي پلاطس وراڻين تہ ”بس، جيڪو مون لکايو سو لکايو.“
23پوءِ سپاهي جڏهن يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، هر ڪنهن لاءِ هڪ هڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻ‌سبيل هو ۽ مٿي کان هيٺ تائين سڄو ئي هڪڙي ڪپڙي جو ٺهيل هو. 24#زب 22‏:18 انهيءَ لاءِ سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکو ٿا وجھون تہ اهو ڪنهن جو ٿو ٿئي.“ سپاهين ائين ئي ڪيو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ
”انهن منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا
۽ منهنجي پوشاڪ لاءِ پُکا وڌائون.“
25يسوع جي سوليءَ جي ڀرسان سندس ماتا، ماسي، ڪلوپاس جي پتني مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون. 26جڏهن يسوع پنهنجي ماتا ۽ انهيءَ چيلي کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماتا کي چيو تہ ”ماتا! هي تنهنجو پٽ آهي.“ 27وري انهيءَ چيلي کي چيائين تہ ”هيءَ تنهنجي ماتا آهي.“ انهيءَ ئي ڏينهن اهو چيلو يسوع جي ماتا کي پنهنجي گھر رهائڻ لاءِ وٺي ويو.
يسوع مسيح جو مِرتيو
(متي 27‏:45‏-56، مرقس 15‏:33‏-41، لوقا 23‏:44‏-49)
28 # زب 69‏:21، 22‏:15 پوءِ جڏهن يسوع ڄاتو تہ هاڻي هر ڳالهہ پوري ٿي چڪي آهي، تڏهن پوِتر شاستر جي لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ هن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آهي.“ 29اتي هڪڙو ٿانءُ سادي مئي سان ڀريل رکيو هو. تنهن مان انهن سپاهين فوم جهڙي هڪ شيءِ ٻوڙي زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي سندس وات سان لڳايائون. 30يسوع اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.
يسوع مسيح جي پاسي ۾ نيزو هڻڻ
31اهو #19‏:31 تياريءَ جو ڏينهن ڏسو 19‏:14.تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش سولين تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي وينتي ڪئي تہ ”سوليءَ وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش سولين تان لاٿا وڃن.“ 32تنهن تي سپاهي آيا ۽ جيڪي يسوع سان گڏ سولين تي ٽنگيل هئا تن مان پهريائين هڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون. 33پر جڏهن يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ هن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آهي، تڏهن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون. 34جڏهن تہ سپاهين مان هڪڙي يسوع جي پاسي ۾ نيزو هنيو تہ هڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو. 35#19‏:35 جنهن ماڻهوءَ گھڻو ڪري ليکڪ پاڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ڏسو يوحنا 21‏:24.جنهن ماڻهوءَ اهو ڏٺو تنهن انهيءَ جي شاهدي ڏني آهي تہ جيئن اوهين بہ وشواس آڻيو. سندس شاهدي سچي آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو تہ جيڪو هو چوي ٿو سو سچ آهي. 36#خر 12‏:46، ڳا 9‏:12، زب 34‏:20 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي جنهن ۾ لکيل آهي تہ
”هن جي هڪڙي بہ هڏي ڀڳي نہ ويندي.“
37 # زڪ 12‏:10، آڪ 1‏:7 وري ٻي پوِتر لکت ۾ آهي تہ
”ماڻهو انهيءَ ڏانهن ڏسندا،
جنهن کي گھاءُ ڏيئي زخمي ڪيو هئائون.“
يسوع مسيح جو ڪفن دفن
(متي 27‏:57‏-61، مرقس 15‏:42‏-47، لوقا 23‏:50‏-56)
38تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح يسوع جو چيلو هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”مون کي يسوع جو لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏيو.“ پلاطس کيس آگيا ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو. 39#يو 3‏:1‏-2 نيڪديمس بہ اتي آيو. هي اهو ماڻهو هو جنهن هڪڙو دفعو اڳ ۾ يسوع سان رات جو ملاقات ڪئي هئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنهن جي تور اٽڪل چاليهہ ڪلوگرام هئي. 40پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آهي تيئن انهن بہ يسوع جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙهيو. 41جتي يسوع کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو، اتي هڪڙو باغ هو. انهيءَ باغ ۾ غار واري هڪڙي نئين قبر کوٽيل هئي جنهن ۾ اڃا تائين ڪنهن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو هو. 42جيئن تہ اهو ڏينهن يهودين جي #19‏:42 تياريءَ جو ڏينهن ڏسو 19‏:14.تياريءَ جو ڏينهن هو تنهنڪري يسوع جي لاش کي کڻي اتي ئي رکيائون، ڇاڪاڻ تہ اها قبر ويجھي هئي.

Currently Selected:

يوحنا 19: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in