YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 9

9
1بني آدم ۽ اسرائيل جي سڀني گهراڻن جي اک خداوند ڏانهن لڳل آهي: خداوند وٽان، حدراڪ جي ملڪ ۽ انهيءَ جي آرامگاهہ دمشق جي برخلاف نبوت، 2۽ حمات جي برخلاف، جو سندن لاڳو آهي، ۽ صور ۽ صيدا جي برخلاف نبوت، جيتوڻيڪ اُها ڏاڍي عقلمند قوم آهي. 3۽ صور پنهنجي لاءِ هڪڙو مضبوط قلعو ٺاهيو، ۽ چاندي مٽيءَ وانگر گڏ ڪئي، ۽ عمدو سون ڪچرو وانگر گڏ ڪيو. 4ڏس، خداوند کيس خالي ڪندو؛ ۽ سندس فخر ڀڃي سمنڊ ۾ غرق ڪندو، ۽ باهہ کيس ساڙي چٽ ڪندي. 5اسقلون هوا ڏسي ڊڄندو، ۽ غزہ اِهو بہ ڏسي گهڻو ڏک ڪندو؛ ۽ عقرون شرمندو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جي اُميد ناس ٿيندي، ۽ غزہ جي بادشاهي ويندي رهندي ۽ اسقلون ويران ٿيندو. 6۽ حرامزادا اشدود ۾ بادشاهي ڪندا، ۽ آءٌ فلستين جو فخر ڀڃندس. 7آءٌ سندن وات مان رت پيئڻ ڪڍي ڇڏيندس، ۽ سندن ڏندن مان بُتن جي قربانيءَ جو کاڌو. ۽ هو بہ اسان جي خدا جي اڳيان باقي بچيل ٿيندو، ۽ هو يهوداہ ۾ سردار وانگر ٿيندو، ۽ عقرون يبوسين وانگي ٿيندو. 8۽ آءٌ پنهنجي گهراڻي جي چوڌاري لشڪر وانگي گهيرو ڪندس، جيئن ڪو اچي وڃي نہ سگهي، ۽ نہ ڪو ظالم اُتان وري گذري: ڇالاءِ جو هاڻي مون پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي.
9اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي. 10۽ آءٌ افرائيم مان رٿ، ۽ يروشلم مان گهوڙو وڍي ڇڏيندس، ۽ جنگي ڪمان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ هو قومن سان صلح سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو: ۽ هن جي بادشاهي سمنڊ کان سمنڊ تائين ۽ فرات نديءَ کان زمين جي حد تائين ٿيندي. 11۽ تنهنجي لاءِ ائين ٿيندو تہ تنهنجي عهد اقرار جي رت جي سبب آءٌ تنهنجن قيدين کي سُڪل کوهہ مان ڪڍي ايندس. 12آءٌ اوهان کي اڄ ٻڌايان ٿو تہ اوهان کي ٻيڻو اُجورو ڏيندس، تنهنڪري جي اوهين اُميدوار قيدي آهيو تہ موٽي قلعي ۾ اچو. 13ڇالاءِ جو مون يهوداہ کي ڪمان وانگر موڙيو آهي، ۽ افرائيم کي تير وانگي ڪشيو اٿم؛ ۽ اي صيون، آءٌ تنهنجن فرزندن کي يونان جي فرزندن جي برخلاف اُٿاري کڙو ڪندس، ۽ توکي هڪڙي پهلوان جي ترار وانگر زبردست ڪندس. 14۽ خداوند هنن جي مٿان ڏيکاري ڏيندو ۽ سندس تير بجليءَ وانگر نڪرندو: ۽ خداوند خدا قرناءِ وڄائيندو ۽ ڏکڻ جي واءُ وانگر ايندو. 15لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا. 16۽ خداوند سندن خدا انهيءَ ڏينهن کين پنهنجين رڍن وانگر بچائيندو: ڇالاءِ جو اهي ڇٽ جي جواهرن وانگي ٿيندا، جو سڄي ملڪ ۾ چمڪي ٿو. 17ڇالاءِ جو هن جي خوبي ۽ هن جي سونهن ڪهڙي نہ وڏي آهي! نوجوان مرد اناج سان ۽ ڪنواريون ڇوڪريون انگور جي رس سان سرهيون ٿينديون.

Currently Selected:

ذڪرياہ 9: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ذڪرياہ 9