YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 6

6
1۽ وري مون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏس، تہ ٻہ پتل جا جبل هئا، جن جي وچان چار گاڏيون نڪري آيون. 2پهرين گاڏيءَ جا گهوڙا ڳاڙها هئا؛ ۽ ٻيءَ گاڏيءَ جا گهوڙا مشڪي هئا؛ 3۽ ٽينءَ گاڏيءَ جا گهوڙا سفيد هئا؛ ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گهوڙا چٽڪمرا هئا. 4۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کان مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ 5۽ فرشتي مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اهي آسمان جون چار هوائون آهن، جي دنيا جي مالڪ جي حضوريءَ مان ٿيون نڪرن. 6جنهن گاڏيءَ ۾ مشڪي گهوڙا آهن، اُهي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا؛ ۽ سفيد گهوڙا انهيءَ جي پٺيان ويا؛ ۽ چٽڪمرا گهوڙا ڏکڻ جي ملڪ ڏانهن ويا؛ 7۽ ڪميت گهوڙا زمين تي هيڏي هوڏي گهُمڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا: ۽ هن چين تہ اوهين هتان وڃو، ۽ زمين تي هيڏي هوڏي گهُمو: سو اُهي سڄيءَ زمين جي سطح تي هيڏي هوڏي گهُمڻ لڳا. 8تڏهن هن مون کي پڪاري چيو تہ ڏس، اهي جيڪي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا تن منهنجي روح کي اُتر واري ملڪ ۾ آرام ڏنو آهي.
9۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، ۽ هن فرمايو تہ، 10تون اڄ ئي يوسياہ بن صفنياہ جي گهر وڃ، جتي بابل جي قيدين مان خلدي، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ اچي ٽڪيا آهن؛ 11۽ انهن کان سون ۽ چاندي وٺي هڪڙو ڇٽ ٺاهہ، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن کي پهراءِ؛ 12۽ هن کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهو شخص، جنهن جو نالو شاخ آهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڌندو ۽ هو خداوند جو هيڪل ٺاهيندو: 13هائو، اهو ئي خداوند جو هيڪل تيار ڪندو؛ ۽ انهيءَ جو ئي شان ٿيندو، ۽ هو تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو؛ ڪاهن بہ سندس تخت تي ويهندو، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ صلح سلامتيءَ جي صلاح رهندي. 14۽ اهو ڇٽ حليم، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ، ۽ حين بن صفنياہ جي لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ يادگار رهندو. 15۽ اُهي جي پري آهن، سي اچي خداوند جي هيڪل کي ٺاهيندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند، پنهنجي خدا جا فرمانبردار ٿيندا، تہ اُهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.

Currently Selected:

ذڪرياہ 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ذڪرياہ 6