YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 14

14
1ڏس، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جڏهن تنهنجو مال ڦرجي تنهنجي وچ ۾ ورهايو ويندو. 2ڇالاءِ جو آءٌ سڀني قومن کي گڏ ڪندس، تہ يروشلم جي برخلاف جنگ ڪن: ۽ شهر قبضي ڪيو ويندو، ۽ گهر لُٽيا ويندا، ۽ زالن جي بي عزتي ٿيندي: ۽ اڌ شهر قيد ٿي ويندو، پر باقي ماڻهو شهر مان نہ ڪڍيا ويندا. 3تڏهن خداوند نڪري انهن قومن سان وڙهندو، جيئن جنگ جي ڏينهن هو وڙهيو. 4۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو. 5۽ اوهين منهنجي جبل جي واديءَ مان لنگهي ڀڄندا، ڇالاءِ جو جبلن جي وادي آضل تائين هوندي: هائو، اوهين ائين ڀڄندا، جيئن يهوداہ جا بادشاهہ عزياہ جي زماني ۾ زلزلي کان ڀڳا هئا: ۽ خداوند منهنجو خدا ايندو، ۽ سڀ پاڪ شخص توسان ايندا. 6۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن روشني نہ رهندي، پر ٿڌ ۽ پارو هوندو. 7پر اُهو ڏينهن اهڙو ٿيندو، جنهن جي خبر فقط خداوند کي آهي: اهو نہ ڏينهن هوندو نہ رات، پر ائين ٿيندو تہ شام جي وقت روشني ٿيندي. 8۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ حيات جو چشمو وهندو، جنهن جو اڌ اُڀرندي جي سمنڊ ڏانهن ۽ اڌ اُلهندي جي سمنڊ ڏانهن وهندو: اُهو اونهاري ۽ سياري ۾ وهندو. 9۽ خداوند سڄيءَ دنيا تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن هڪڙو ئي خداوند ٿيندو، ۽ سندس نالو واحد ٿيندو. 10۽ سڄو ملڪ، جبع کان رمون تائين، جو يروشلم جي ڏکڻ ۾ آهي، ميدان وانگر ٿي ويندو، پر يروشلم بلند ٿيندو، ۽ پنهنجي جاءِ ۾، بنيمين جي دروازي کان پهرين دروازي جي جاءِ تائين، يعني ڪُنڊ جي دروازي تائين، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ کان بادشاهہ جي انگوري حوض تائين، قائم رهندو. 11۽ ماڻهو انهيءَ ۾ وسندا، ۽ وري لعنت نہ پوندي؛ پر يروشلم سک سلامتيءَ ۾ رهندو. 12۽ هيئن ٿيندو تہ اُهي قومون جي يروشلم سان وڙهيون آهن، تن تي خداوند هيءَ آفت آڻيندو: تہ بيٺي بيٺي سندن گوشت ڳري ويندو، ۽ سندن اکيون پنهنجين کڏن ۾ ڳري وينديون، ۽ سندن ڄڀ سندن وات ۾ سڙي ويندي. 13۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن خداوند وٽان هنن ۾ وڏو گوڙ شور ٿيندو، ۽ هو پنهنجي پاڙيسريءَ جو هٿ جهليندا، ۽ هڪ ٻئي جي برخلاف هٿ کڻندا. 14۽ يهوداہ بہ يروشلم سان وڙهندو، ۽ آس پاس جي ملڪن جو مال، يعني سون ۽ چاندي ۽ ڪپڙا گهڻي تعداد ۾ گڏ ڪندا. 15۽ گهوڙن، خچرن، اُٺن، ۽ گڏهن ۽ سڀني جانورن تي، جي منزلگاهہ ۾ هوندا، تن سڀني تي بہ ساڳي آفت نازل ٿيندي. 16۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪي قومون يروشلم سان وڙهڻ لاءِ آيون هيون، تن سڀني مان جيڪي بچندا، سي هر سال بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند کي سجدو ڪرڻ لاءِ، ۽ تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ ايندا. 17۽ هيئن ٿيندو تہ دنيا جي سڀني قبيلن تي، جي بادشاهہ، لشڪرن جي خداوند جي اڳيان سجدو ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ نہ ايندا، انهن تي مينهن نہ وسندو. 18۽ جي مصر جا قبيلا مٿي نہ ايندا، انهن تي بہ مينهن نہ وسندو: ۽ انهن تي بہ اُها ئي آفت نازل ٿيندي جا خداوند انهن غير قومن تي نازل ڪندو، جي تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندا. 19مصر لاءِ، ۽ انهن سڀني قومن لاءِ، جي تنبن جي عيد ملهائڻ نہ ايندا، انهن لاءِ اها ئي سزا ٿيندي. 20انهيءَ ڏينهن گهوڙن جي گهنگهرن تي لکيل هوندو تہ خداوند جي لاءِ پاڪ آهن؛ ۽ خداوند جي گهر جا باسڻ، قربانگاهہ جي پيالن وانگر ٿيندا. 21هائو، يهوداہ ۽ يروشلم جي هرڪا ديڳ لشڪرن جي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندي: ۽ سڀ قربانيون چاڙهيندڙ ايندا، ۽ اُهي کڻي انهن ۾ رڌيندا: ۽ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪنعاني لشڪرن جي خداوند جي گهر ۾ نہ رهندو.

Currently Selected:

ذڪرياہ 14: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ذڪرياہ 14