YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 11

11
1اي لبنان، تون پنهنجن دروازن کي کول، تہ باهہ تنهنجي ديودار جي وڻن کي ڳهي وڃي. 2اي صنوبر جا وڻ، واويلا ڪر، ڇالاءِ جو ديودار ڪري پيو آهي، ۽ شان وارا شرمندا ٿيا آهن: اي بسني بلوط، واويلا ڪر، ڇالاءِ تہ مضبوط ٻيلو ڪري پيو آهي. 3ريڍارن جي روئڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو سندن شان گم ٿي ويو آهي: جوان شينهن جي گرجڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو يردن جو جهنگ برباد ٿي ويو آهي. 4خداوند منهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ جيڪي رڍون ڪوس لاءِ آهن، انهن کي چارو ڏي؛ 5جن جا مالڪ هنن کي ڪُهن ٿا، ۽ پاڻ کي بي ڏوهي ٿا سمجهن؛ ۽ جن جا سوداگر چون ٿا، تہ خداوند برڪت وارو آهي، جو آءٌ دولتمند ٿيو آهيان: ۽ خود سندن ريڍار رحم نٿا ڪن. 6تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ ملڪ جي رهاڪن تي رحم ڪين ڪندس: پر ڏس، آءٌ هر ڪنهن شخص کي سندس پاڙيسريءَ جي هٿ ۾، ۽ سندس بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪندا، ۽ آءٌ کين انهن جي هٿان نہ ڇڏائيندس. 7انهيءَ ڪري مون انهن رڍن کي، جي ڪوس لاءِ تيار هيون، يعني ڌڻ جي مسڪينن کي، چارو ڏنو، ۽ مون پنهنجي لاءِ ٻہ لٺيون هٿ ڪيون؛ هڪڙيءَ جو نالو مهرباني ۽ ٻيءَ جو نالو ميلاپ رکيو؛ ۽ ڌڻ کي چارو ڏنم. 8۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي. 9تڏهن مون چيو تہ هاڻي آءٌ اوهان کي چارو ڪين ڏيندس. جيڪو مري ٿو، تنهن کي مرڻ ڏيو؛ ۽ جيڪو چٽ ٿو ٿئي، تنهن کي چٽ ٿيڻ ڏيو؛ ۽ جيڪي باقي بچيل آهن، سي هڪ ٻئي جو گوشت کائين. 10تڏهن مون انهيءَ لٺ کي، جنهن جو نالو مهرباني هو، تنهن کي ڀڃي ڇڏيو؛ تہ آءٌ انهيءَ عهد اقرار کي، جو مون سڀني قومن سان ٻَڌو هو، تنهن کي ڀڃي ڇڏيان. 11۽ اُهو اُنهيءَ ڏينهن ڀڄي پيو: تڏهن ڌڻ جي مسڪينن، جي منهنجي ٻڌندا هئا، تن سمجهيو تہ هي خداوند جو ڪلام آهي. 12۽ مون کين چيو تہ، جي اوهان جي نگاهہ ۾ اهو واجب هجي، تہ اوهين منهنجي مزوري مون کي ڏيو، نہ تہ ٺهيو. سو هنن منهنجي مزوريءَ لاءِ ٽيهہ روپيا توري ڏنا. 13۽ خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ اهي ڪنڀار جي اڳيان ڦٽا ڪر، يعني اُها وڏي قيمت، جا هنن منهنجي لاءِ مقرر ڪئي هئي، ۽ مون اهي ٽيهہ روپيا کڻي ڪنڀار جي سامهون خداوند جي گهر ۾ ڦٽا ڪيا. 14تڏهن مون ٻيءَ لٺ، يعني ميلاپ کي بہ ڀڃي ڇڏيو، تہ آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل جي برادريءَ کي بہ ڀڃي ڇڏيان.
15۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ تون وري بہ بي عقل ريڍار جو سامان کڻ. 16ڇالاءِ جو ڏس، تہ آءٌ ملڪ ۾ اهڙو ريڍار اُٿاريندس، جو گمراهہ ٿيلن جي خبر نہ لهندو، ۽ جي پکڙيل آهن، تن کي بہ نہ ڳوليندو، ۽ نڪي ڏکين جو علاج ڪندو؛ نہ هو چڱن کي چاريندو، پر دُنبن جو گوشت کائيندو ۽ سندن ٽنگون چيري ڦاڙيندو. 17افسوس، انهيءَ نالائق ريڍار تي، جو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي! هن جي ساڄيءَ ٻانهن ۽ ساڄيءَ اک تي ترار اچي ڦرندي؛ هن جي ٻانهن بلڪل سُڪي ويندي ۽ هن جي ساڄي اک انڌي ٿي ويندي.

Currently Selected:

ذڪرياہ 11: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ذڪرياہ 11