YouVersion Logo
Search Icon

ذڪرياہ 1

1
1دارا جي ٻئي سال جي اٺين مهيني ۾ خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ 2خداوند اوهانجن ابن ڏاڏن تي سخت ناراض ٿيو آهي. 3تنهنڪري تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي موٽي اچو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ اوهان ڏي موٽي ايندس. 4اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون. 5اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي آهن؟ ۽ نبي ڪو هميشہ لاءِ جيئرا آهن ڇا؟ 6پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.
7دارا جي ٻئي سال جي يارهين مهيني جي چوويهن تاريخ، جو سباط جو مهينو آهي، خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو تي نازل ٿيو، تہ 8۽ مون رات جو ڏٺو تہ هڪڙو ماڻهو ڳاڙهي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ بيٺو آهي، جي هيٺانهين زمين ۾ هئا، ۽ هن جي پٺيان ڳاڙها، ڪميت ۽ سفيد گهوڙا بيٺا هئا. 9تڏهن مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ ۽ جنهن فرشتي مون سان ڳالهايو پئي، تنهن مون کي چيو تہ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهن. 10۽ جيڪو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي آهن جن کي خداوند سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ لاءِ موڪليو آهي. 11۽ هنن، اُنهي خداوند جي فرشتي کي جو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو، تہ اسين سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمي آيا آهيون، ۽ ڏس، سڄي دنيا چپ چاپ ۽ آرام ۾ آهي. 12تڏهن خداوند جي فرشتي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي لشڪرن جا خداوند، ڪيستائين تون يروشلم ۽ يهوداہ جي شهرن تي، جن سان تون ستر سالن کان ناراض آهين، رحم نہ ڪندين؟ 13۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي خداوند ورندي ڏيئي چڱيون ۽ تسليءَ جهڙيون ڳالهيون ٻڌايون. 14۽ جنهن فرشتي مون سان پي ڳالهايو، تنهن مون کي چيو تہ تون پڪاري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي يروشلم ۽ صيون جي لاءِ تمام گهڻي غيرت ٿي اچي: 15۽ آءٌ انهن قومن تي تمام ناراض آهيان جي آرام ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ ٿورو ئي ناراض هوس، تہ هنن برائي ڪري گهڻي مار ڪٽ ڪئي. 16تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي. 17وري بہ رڙ ڪري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجا شهر آرام ۽ آسائش جي ڪري وري بہ اڃا پري پري وڌندا، ۽ خداوند اڃا بہ صيون کي تسلي ڏيندو، ۽ يروشلم کي چونڊيندو.
18۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ چار سڱ نظر آيم. 19۽ مون انهيءَ فرشتي، جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي چيو تہ هي ڇا آهن؟ ۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ، اسرائيل ۽ يروشلم کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي. 20۽ خداوند مون کي چار لوهار ڏيکاريا. 21تڏهن مون پڇيو تہ هي ڪهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهن؟ ۽ هن چيو تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ کي اهڙو ڇڙوڇڙ ڪيو جو ڪو ماڻهو پنهنجو ڪنڌ نہ کڻي سگهيو، پر هي انهيءَ لاءِ آيا آهن تہ هنن کي ڊيڄارين، ۽ قومن جي سڱن کي ڪيرائي ڇڏين، جن يهوداہ کي پکيڙي ڇڏڻ لاءِ پنهنجو سڱ وڏو ڪيو هو.

Currently Selected:

ذڪرياہ 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in