YouVersion Logo
Search Icon

راڳ 6

6
1اي زالن ۾ تمام سهڻي، تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي وڃي نڪتو آهي، تہ اسين تو سان گڏجي انهي کي ڳوليون؟
2منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.
3آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو آهي: هو پنهنجو ڌڻ سوسن ۾ پيو چاري.
4اي منهنجي پياري تون ترضاہ جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم جهڙي خوبصورت آهين، ۽ خوفناڪ اهڙي آهين جهڙو جهنڊن سان لشڪر.
5پنهنجون اکيون مون کان ڦيراءِ، ڇالاءِ جو هنن مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جي پاسي سان ويٺل هجن.
6تنهنجا ڏند رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جي وهنجي سهنجي آيون هجن؛ ۽ جن مان هر هڪ کي جاڙا ٻچا هجن، ۽ منجهان ڪابہ بنا ٻچي نہ هجي.
7تنهنجون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهون جي ٽڪر وانگر آهن.
8سٺ راڻيون، ۽ اسي سريتون، ۽ بيشمار ڪنواريون ڇوڪريون آهن.
9منهنجي ڪبوتري، منهنجي بيداغ، فقط هڪڙي آهي؛ هوءَ پنهنجي ماءُ جي هڪڙيئي هڪڙي آهي؛ جنهن هن کي ڄڻيو تنهنجي هوءَ لاڏلي آهي. ڇوڪرين هن کي ڏٺو، ۽ هن کي برڪت واري سڏيائون؛ هائو، راڻين ۽ سريتن، ۽ انهن هن جي ساراهہ ڪئي.
10اها ڪير آهي جا صبح جهڙي ٿي ڏسجي، چنڊ جهڙي سهڻي، سج جهڙي صفا، ۽ اهڙي هيبت واري جهڙو جهنڊن سان لشڪر؟
11آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ.
12مون کي سماءُ مس پيو تہ منهنجي جان مون کي پنهنجي شاهي قوم جي گاڏين ۾ وڃي وهاريو.
13اي شولاميہ، موٽي اچ، موٽي اچ؛ موٽي اچ، موٽي اچ تہ اسين تو تي نظر ڪريون. ڇالاءِ اوهين شولاميہ تي نظر ڪرڻ ٿا گهرو جيئن محنائم جي ناچ تي نظر ڪجي؟

Currently Selected:

راڳ 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in