راڳ 4
4
1ڏس، اي منهنجي پياري تون سهڻي آهين؛ ڏس تون حسين آهين؛ تنهنجيون اکيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڪبوترن جهڙيون آهن: تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جبل جي پاسي سان ويٺيون هجن.
2تنهنجا ڏند رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جن جي ڏاس تازي ڪتريل هجي، ۽ جي وهنجي نڪري آيون هجن؛ جنهن مان هر هڪ کي جاڙا ٻچا آهن، ۽ ڪا بہ بنا ٻچي ڪانهي.
3تنهنجا چپ کهنبي ڌاڳي جهڙا آهن، ۽ تنهنجو وات سهڻو آهي: تنهنجيون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهونءَ جي ٽڪر جهڙيون آهن.
4تنهنجي ڳچي دائود جي ٺلهہ وانگر آهي، جو هٿيارن جي رکڻ لاءِ جوڙيو ويو هجي جنهن تي هزار سپرون ۽ پهلوان ماڻهن جون سڀ ڍالون ٽنگيل هجن.
5تنهنجون ٻہ ڇاتيون هرڻيءَ جي ٻن جاڙن ٻٺڙن جهڙيون آهن، جي سوسن جي گلن ۾ چرندا هجن.
6جيسين ڏينهن ٺري ۽ پاڇو لهي، تيستائين، آءٌ مر جي جبل تي ۽ لوبان جي ٽڪري تي وڃي ويهندس.
7اي منهنجي پياري، تون بلڪل خوبصورت آهين، ۽ تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.
8اي منهنجي ڪنوار لبنان مان مون سان اچ، لبنان مان مون سان اچ: امانا جي چوٽي تان، سنير ۽ حرمون جي چوٽيءَ تان، شينهن جي غارن مان، چيتن جي جبلن تان نهار.
9اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تو منهنجي دل کيس ورتي آهي؛ تو پنهنجي هڪڙيءَ اک سان، پنهنجي ڳچيءَ جي هڪڙي زنجيريءَ سان، منهنجي دل کسي ورتي آهي.
10اي منهنجي ڀيڻ، اي منهنجي ڪنوار، تنهنجي محبت ڪهڙي نہ چڱي آهي! تنهنجي محبت شراب کان ڪيترو نہ بهتر آهي! ۽ تنهنجن تيلن جي خوشبوءِ هر قسم جي مصالحن کان ڪيترو نہ وڌيڪ چڱي آهي!
11اي منهنجي ڪنوار، تنهنجن چپن مان ماناري وانگر ماکيءَ جا ڦڙا ڪرن ٿا: ماکي ۽ کير تنهنجي زبان هيٺان آهن؛ ۽ تنهنجن ڪپڙن جي خوشبوءِ لبنان جي خوشبوءِ جهڙي آهي.
12منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي.
13تنهنجون اوڌون ڏاڙهن جو باغيچو آهن، جن ۾ قيمتي ميوا آهن؛ ميندي، سنبل جي وڻ سان گڏ آهي.
14سنبل ۽ زعفران، بيد مشڪ ۽ دالچيني ۽ لوبان جا سڀ وڻ، ۽ مر ۽ عود ۽ ٻيا سڀ مکيہ مصالحہ.
15تون باغن جو چشمو، آبِ حيات جو کوهہ، ۽ لبنان مان وهي ايندڙ نهرون آهين.
16اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.
Currently Selected:
راڳ 4: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.