نحمياہ 19:9-21
نحمياہ 19:9-21 SB62
تڏهن بہ تو پنهنجي نهايت گهڻي رحم جي ڪري، هنن کي بيابان ۾ ڇڏي نہ ڏنو: اهو ڪڪر جو ٿنڀو ڏينهن جو هنن کي رستي ڏيکارڻ کان ڇڏي هليو نہ ويو؛ نڪي باهہ جو ٿنڀو جنهن رستي تي هنن کي هلڻو هو، تنهن جي ڏيکارڻ ۽ روشنائي ڪرڻ کان هنن کي ڇڏي ويو. تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو. هائو، چاليهہ سال برابر تو هنن کي بيابان ۾ پاليو، ۽ هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهرج نہ ٿي؛ هنن جا ڪپڙا پراڻا نہ ٿيا، ۽ هنن جا پير نہ سُڄيا.