YouVersion Logo
Search Icon

نحمياہ 16:9-17

نحمياہ 16:9-17 SB62

پر هنن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن مغروريءَ سان هلت ڪئي، ۽ پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ تنهنجا حڪم نہ ٻڌائون، ۽ انهن جي مڃڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ جيڪي عجيب ڪم تو هنن ۾ ڪيا سي هنن ياد نہ ڪيا؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ باغي ٿي هڪڙو سردار مقرر ڪيائون، تہ موٽي پنهنجي ٻانهپ ۾ وڃي پون: پر تون اهڙو خدا آهين جو بخشڻ لاءِ تيار، ۽ مهربان، ۽ رحم ڀريو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڍرو، ۽ گهڻي رحم وارو آهين، ۽ تو هنن کي ڦٽو ڪري ڇڏي نہ ڏنو.