YouVersion Logo
Search Icon

نحمياہ 12

12
1هاڻي جيڪي ڪاهن ۽ لاوي، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع سان گڏ موٽي آيا، سي هي آهن، سراياہ، يرمياہ، عزرا؛ 2امرياہ، ملوڪ، حطوش؛ 3سڪنياہ، رحوم، مريموت؛ 4عدو، جنتو، ابياہ؛ 5ميامين، معدياہ، بلجہ؛ 6سمعياہ، ۽ يويريب، يدعياہ؛ 7سلو، عموق، خلقياہ، يدعياہ. اهي هئا يشوع جي ڏينهن ۾ ڪاهنن ۽ انهن جي ڀائرن جا سردار. 8انهن کانسواءِ لاوي: يشوع، بنوي، قدمي ايل، سيربياہ، يهوداہ، متنياہ، جو پنهنجن ڀائرن سميت، شڪرگذاريءَ جي عبادت جي مٿان هو. 9۽ بقبوقياہ ۽ عنو، انهن جا ڀائر، انهن جي سامهون مقرر جاين ۾ هئا. 10۽ يشوع مان يويقيم ڄائو، ۽ يويقيم مان الياسب ڄائو، ۽ الياسب مان يدوع ڄائو، 11۽ يدوع مان يونتن، ۽ يونتن مان يدوع ڄائو. 12۽ يويقيم جي ڏينهن ۾ ڪي ڪاهن، ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا: سراياہ مان مراياہ؛ يرمياہ مان حننياہ؛ 13عزرا مان مسلام؛ امرياہ مان يهوحنان؛ 14ملڪو مان يونتن: سبنياہ مان يوسف؛ 15حارم مان عدنا؛ مرايوت مان خلقي؛ 16عدو مان زڪرياہ؛ جنتون مان مسلام؛ 17ابياہ مان زڪري؛ منيمن مان، موعدياہ مان فلطي؛ 18بلجہ مان سموع، سمعياہ مان يهونتن؛ 19۽ يويريب مان متني؛ يدعياہ مان عزي؛ 20سلي مان قلي؛ عموق مان عبر؛ 21خلقياہ مان حسبياہ؛ يدعياہ مان نتني ايل. 22الياسب، يويدع، يوحنان ۽ يدوع جي ڏينهن ۾، لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس داخل ڪيا ويا هئا: ۽ دارا فارسيءَ جي بادشاهت ۾ ڪاهن بہ. 23لاويءَ جا پٽ، جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا، سي تواريخ جي ڪتاب ۾، يوحنان بن الياسب جي ڏينهن تائين لکيل هئا. 24۽ لاوين جا سردار هي هئا: حسبياہ، سيربياہ ۽ يشوع بن قدمي ايل سندن ڀائرن سميت، جي خداوند جي مرد دائود جي حڪم موجب، تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون مقرر هئا. 25متنياہ، بقبوقياہ، عبدياہ، مسلام، طلمون، عقوب، دربان هئا، جي دروازي وارن انبارخانن جي ڪوٺين تي پهرو ڏيندا هئا. 26يويقيم بن يشوع، بن يوصدق جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ حاڪم، ۽ عزرا ڪاهن ۽ اُستاد جي ڏينهن ۾ اهي هوندا هئا.
27۽ يروشلم جي ڀت جي وقف ڪرڻ وقت سڀني جاين تان لاوين کي ڳوليائون، انهيءَ لاءِ تہ انهن کي وٺي يروشلم ۾ آڻين، تہ اها وقف ڪرڻ جي رسم خوشيءَ سان، ۽ شڪرگذاري ڪرڻ سان، ۽ جهانجهن، سنطورن، ۽ بربطن تي ڳائڻ سان بجا آڻين. 28۽ ڳائڻ وارن جا پٽ، يروشلم جي آس پاس واري ميدان مان، توڙي نطوفاتين جي ڳوٺن مان اچي گڏ ٿيا؛ 29۽ بيت جلجال مان، ۽ جبع، ۽ عزماوت جي ٻنين مان بہ: ڇالاءِ جو ڳائڻ وارن يروشلم جي آس پاس پنهنجا ڳوٺ ٻڌا هئا. 30۽ ڪاهنن ۽ لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو؛ ۽ هنن ماڻهن کي، ۽ درن کي، ۽ ڀت کي بہ پاڪ ڪيو. 31تنهن کان پوءِ مون يهوداہ جي اميرن کي ڀت تي آندو، ۽ ٻہ وڏيون ٽوليون مقرر ڪيم، جن شڪرگذاري ادا ڪئي، ۽ قطار ٻڌي جلوس ۾ هليا؛ انهن مان هڪڙي ٽولي ڀت تي سڄي هٿ پاسي ڇيڻن واري دروازي ڏانهن ويئي: 32۽ انهن جي پٺيان هوسعياہ، ۽ يهوداہ جي اميرن مان اڌ جيترا هليا، 33۽ عزرياہ، عزرا، ۽ مسلام، 34يهوداہ، ۽ بنيمين ۽ سمعياہ، ۽ يرمياہ. 35۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي قرنائين سان ويا: زڪرياہ بن يونتن، بن سمعياہ، بن متنياہ، بن ميڪاياہ، بن زڪور، بن آسف؛ 36۽ ان جا ڀائر سمعياہ، ۽ عزرايل، مللي، جللي، ماعي، نتني ايل ۽ يهوداہ، ۽ حناني، خدا جي مرد دائود جي ڳائڻ وارن سازن سان؛ ۽ عزرا اُستاد انهن جي اڳيان هو: 37۽ چشمي واري در جي ڀرسان، ۽ سڌو انهن جي اڳيان، هو دائود جي شهر جي ڏاڪڻ تان ڀت جي چاڙهيءَ وٽ، دائود جي گهر جي مٿان، اُڀرندي ڏانهن پاڻيءَ واري دروازي تائين، چڙهي هليا ويا. 38۽ انهن جي ٻي ٽولي، جنهن شڪرگذاري ادا ٿي ڪئي سا هنن کي گڏجڻ ويئي، ۽ انهن جي پٺيان آءٌ باقي ماڻهن جي اڌ سان، ڀت تي کورن واري ٺلهہ جي مٿان، ڪشاديءَ ڀت تائين هليو ويس؛ 39۽ افرائيم واري دروازي جي مٿان، ۽ پراڻي دروازي، ۽ مڇيءَ واري دروازي، ۽ حنن ايل جي ٺلهہ، ۽ همياہ جي ٺلهہ جي پاسي کان، رڍن واري دروازي تائين: ۽ پهري واري دروازي وٽ هو ماٺ ڪري بيهي رهيا. 40انهيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙن جون ٻئي ٽوليون خدا جي گهر ۾ بيهي رهيون، ۽ آءٌ بہ، ۽ اميرن مان اڌ جيترا، جي مون سان هئا: 41۽ ڪاهن الياقيم، معسياہ، منيمين، ميڪاياہ، اليوعيني، زڪرياہ ۽ حننياہ، قرنائين سان؛ 42۽ معسياہ، ۽ سمعياہ، ۽ اليعزر، ۽ عزي، ۽ يهوحنان، ۽ ملڪياہ، ۽ عيلام، ۽ عزر، پنهنجي سردار ازرخياہ سميت زور سان ڳايو. 43۽ انهيءَ ڏينهن هنن وڏيون قربانيون چاڙهيون، ۽ خوشيون ڪيون، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وڏي خوشي ڪرائي هئي؛ ۽ زالن ۽ ٻارن بہ خوشي ڪئي: جنهنڪري يروشلم جي خوشيءَ جو آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
44انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون. 45۽ هنن پنهنجي خدا جو فرض، ۽ پاڪ ڪرڻ جو فرض بجاءِ آندو، ۽ ڳائڻن ۽ دربانن بہ ائين ئي ڪيو، جهڙيءَ طرح دائود جو، ۽ سندس پٽ سليمان جو حڪم هو. 46ڇالاءِ جو قديم زماني ۾، يعني دائود، ۽ آسف جي ڏينهن ۾، ڳائڻ وارن جو هڪڙو سردار هوندو هو، ۽ خدا جي تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جا راڳ ڳايا ويندا هئا. 47۽ زربابل جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ جي ڏينهن ۾، سڀ اسرائيلي ڳائڻ وارن، ۽ دربانن جي لاءِ روزمرہ جي گهرج موجب حصا ڏيندا هئا؛ ۽ هو لاوين جي لاءِ ڌار ڪندا هئا، ۽ لاوي هارون جي پٽن لاءِ ڌار ڪندا هئا.

Currently Selected:

نحمياہ 12: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in