YouVersion Logo
Search Icon

ناحوم 2

2
1جيڪو ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري، سو تو تي چڙهي آيو آهي: جنگي سامان تيار رک، رستي تي نظر رک، پنهنجي چيلهہ ٻڌي پاڻ کي تمام مضبوط ڪر. 2ڇالاءِ جو خداوند يعقوب جي رونق کي اسرائيل جي رونق وانگر وري آڻيندو: ڇالاءِ جو خالي ڪرڻ وارن انهي کي خالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هن جي ڊاک جي ٽارين کي چٽ ڪري ڇڏيو اٿن. 3هن جي پهلوانن جا سپر ڳاڙها آهن، ۽ بهادر مردن جي پوشاڪ کهنبي آهي: هن جون گاڏيون تياريءَ جي ڏينهن رُڪ سان چمڪن ٿيون ۽ نيزا سخت لُڏن ٿا. 4گاڏيون گهٽين ۾ ڇوهہ مان ڊوڙن ٿيون، ۽ ڪشادن رستن تي هڪ ٻئي تي اچي ٿيون ٺهڪن: هو ٻرندڙ مشعل وانگر ۽ وڄ وانگر آهن. 5هو پنهنجي سردارن کي ڪوٺي ٿو، ۽ هو آٿڙندا اچن ٿا، ۽ تڪڙا تڪڙا ڀت تي چڙهي مورچا ٿا ٺاهين. 6ندين جا بند کلي ٿا پون ۽ محلات ڀڄي ڪِري ٿو پوي. 7۽ حصب اُگهاڙي ڪري قيد ٿي ويئي آهي، ۽ انهي جون ٻانهيون ڪبوترن جي آواز سان ٿيون اوسارين ۽ ڇاتيون ٿيون ڪُٽين. 8پر نينوہ قديم وقت کان پاڻيءَ جي حوض وانگي آهي، تہ بہ هو ڀڄي پيا وڃن. هو پڪارين ٿا تہ بيهي رهو، بيهي رهو، پر ڪوبہ منهن ورائي نٿو نهاري. 9اوهين چاندي لُٽيو، ۽ سون لُٽيو، ڇالاءِ جو خزانو کُٽڻ جو ڪونهي ۽ عمدي سامان جي پڄاڻي ڪونهي. 10هو خالي، سکڻي، ۽ ويران آهي، هنن جي دل پاڻي ٿي وڃي ٿي ۽ گوڏا پاڻ ۾ پيا ٽهڪن، ۽ چيلهہ چڪي ٿي وڃين، ۽ سڀني جا منهن ڦڪا ٿي ويا آهن. 11شينهن جو غار، ۽ ننڍي شينهن جي کارائڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جتي شينهن ۽ شينهڻ ۽ سندن ٻچڙا گهمندا هئا، ۽ ڪنهن بہ انهن کي نٿي ڊيڄاريو؟ 12شينهن پنهنجي ٻچڙن لاءِ ڪافي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ شينهڻ لاءِ جهلي رکيو، ۽ پنهنجا غار شڪار سان، ۽ پنهنجون لڪڻ جون جايون ڦاڙيلن سان ڀري ڇڏيون. 13خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ تنهنجي گاڏين کي ساڙي دونهون ڪندس، ۽ ترار تنهنجن جوان شينهن کي کائي ويندي؛ ۽ آءٌ تنهنجو شڪار زمين مان وڍي ڇڏيندس، ۽ تنهنجن قاصدن جو آواز وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.

Currently Selected:

ناحوم 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in