YouVersion Logo
Search Icon

ملاڪيءَ 2

2
1هاڻي اي ڪاهن، اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي. 2لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي. 3ڏسو، آءٌ اوهان جي خاطر ٻج کي ڇينڀيندس، بلڪ اوهان جي قربانين جو ڇيڻو اوهان جي منهن تي پکيڙيندس؛ ۽ اوهين اُنهي سان هڪاليا ويندا. 4۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ڄاڻندا تہ مون اهو حڪم اوهان تي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ منهنجو عهد اقرار لاويءَ جي گهراڻي سان قائم رهي. 5هن سان منهنجو عهد زندگيءَ ۽ سلامتيءَ جو هو: ۽ مون هن کي زندگي ۽ سلامتي انهيءَ لاءِ بخشي تہ هو منهنجو ڊپ رکي، ۽ سچ پچ هو مون کان ڊنو ۽ منهنجي نالي جي تعظيم ڪيائين. 6سچائيءَ جي شريعت هن جي وات ۾ هئي، ۽ هن جي چپن تي ڪوڙ نہ هو: مون سان هو صلح ۽ سچائيءَ سان ٿي هليو، ۽ هن گهڻن ئي کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرايو. 7ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي. 8پر اوهين راهہ کان ڦري نڪري ويا آهيو، ۽ اوهين شريعت جي لاءِ گهڻن ئي جي واسطي ٿاٻڙجڻ جو سبب ٿيا آهيو؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان لاويءَ جو عهد اقرار بگاڙيو آهي. 9انهي ڪري جيئن اوهين منهنجين راهن تي نہ هليا آهيو، ۽ عدالت ۾ پاسخاطري ڪئي اٿوَ؛ تيئن مون بہ اوهان کي نفرت جو سبب، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان نيچ ڪيو آهي.
10اسان سڀني جو هڪڙو ئي ابو ناهي ڇا؟ هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي نہ خلقيو آهي ڇا؟ پوءِ ڇو سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي عهد اقرار جي بي ادبي ٿو ڪري؟ 11يهوداہ دغا ڪئي آهي، ۽ اسرائيل ۽ يروشلم ۾ بيهودگي آهي؛ ڇالاءِ جو يهوداہ، خداوند جي پاڪيزگي، جا هن کي پياري آهي، تنهن جي بي ادبي ڪئي آهي، جو هڪڙي غير معبود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿس. 12خداوند، اُنهي ماڻهوءَ کي، جو اهڙو ڪم ٿو ڪري، وڍي ڇڏيندو، يعني جيڪو يهوداہ جي تنبن ۾ جاڳندڙ آهي ۽ جواب ڏئي ٿو، ۽ جيڪو لشڪرن جي خداوند لاءِ نذرانو ٿو پيش ڪري. 13۽ وري اوهين هيئن ٿا ڪريو: اوهين خداوند جي قربانگاهہ لڙڪن سان، يعني رودن ۽ آهن سان ڀري ٿا ڇڏيو؛ جنهنڪري نڪي هو اوهان جو نذرانو ڏسندو، ۽ نڪي اُنهي کي اوهان جي هٿان خوشيءَ سان قبول ڪندو. 14تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙو سبب آهي؟ انهي ڪري جو خداوند تنهنجي ۽ تنهنجي جوانيءَ جي زال جي وچ ۾ شاهد آهي: جيتوڻيڪ هوءَ تنهنجي رفيق ۽ متعهدي زال آهي، تہ بہ تو انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي. 15ڇا هن هڪڙي ئي زال پيدا نہ ڪئي، جيتوڻيڪ هن وٽ روح بچيل هو؟ پوءِ ڇو هڪڙي ئي پيدا ڪيائين؟ ڇالاءِ جو هن ديندار نسل ٿي چاهيو. انهي ڪري پنهنجي نفس کان خبردار رهو، ۽ ڪوبہ پنهنجي جوانيءَ جي زال سان بي وفائي نہ ڪري. 16ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ طلاق کي ڌڪاريان ٿو، ۽ انهيءَ کي بہ، جو پنهنجي زال سان ظلم ٿو ڪري. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڪري پنهنجي نفس جا خبردار رهو تہ بي وفائي نہ ڪريوَ.
17اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟

Currently Selected:

ملاڪيءَ 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in