لوقا 10
10
1هاڻي انهي کانپوءِ خداوند ٻيا ستر ڄڻا مقرر ڪيا، ۽ اُنهن کي پاڻ کان اڳ ۾ سڀ ڪنهن شهر ۽ هنڌ، جتي پاڻ وڃڻو هو، اُتي ٻہ ٻہ ڪري موڪليائين. 2۽ اُنهن کي چيائين تہ فصل تہ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن: تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي. 3وڃو: ڏسو، آئون ڄڻ اوهان گهيٽن کي بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان. 4اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري يا جهولي يا جتي نہ کڻجو، ۽ ڪنهن کي واٽ تي سلام نہ ڪجو. 5۽ جنهن ڪنهن گهر ۾ وڃو، اُتي پهريائين چئجو تہ هن گهر کي سلام. 6جيڪڏهن اُتي ڪو سلامتيءَ جو فرزند هوندو، تہ اوهان جو سلام مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو. 7پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو. 8۽ جنهن جنهن شهر ۾ وڃو، ۽ اُتي ماڻهو اوهان کي قبول ڪن، تہ جيڪي ڪي اوهان جي اڳيان آڻي رکن سو کائجو: 9۽ جيڪي اتي بيمار هجن تن کي چڱو ڀلو ڪجو، ۽ انهن کي چئجو تہ خدا جي بادشاهت اچي ويجهي پهتي اٿوَ. 10پر جنهن جنهن شهر ۾ وڃو، ۽ جي اتي ماڻهو اوهان کي نہ قبولين، تہ انهن جي گهٽين ۾ نڪري هيئن چئجو، 11تہ اوهان جي شهر جي مٽي جا اسان جي پيرن تي لڳي پيئي آهي سا بہ اوهان تي ڇنڊي ٿا ڇڏيون: پر ايترو ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي. 12آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ انهي شهر کان سدوم شهر لاءِ اهو ڏينهن وڌيڪ سولو ٿيندو. 13افسوس آهي توتي، اي خرازين! افسوس آهي توتي، اي بيت صيدا! ڇوتہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر اُهي کٿو ڍڪي، ۽ رک وجهي، ڪڏهانڪر ويهي توبهہ ڪن ها. 14پر عدالت ۾ صور ۽ صيدا جو حال اوهان جي حال کان وڌيڪ سهڻ لائق ٿيندو. 15۽ اي ڪفرناحوم، ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي آسمان تائين چاڙهيندا؟ نہ، اُٽلندو توکي لاهي هيٺ عالم ارواح ۾ وجهندا. 16۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.
17پوءِ اُهي ستر ڄڻا خوش ٿي موٽي آيا، ۽ اچي چيائونس، تہ اي خداوند، تنهنجي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع آهن. 18تڏهن پاڻ انهن کي چيائين، تہ مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪِرندو ڏٺو. 19ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي، تہ سپن ۽ وڇن کي لتاڙي ڇڏيو، ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ۽ ڪنهن بہ شيءِ مان اوهان کي ايذاءُ ڪڏهن ڪين رسندو. 20پر انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو، تہ روح اوهان جي تابع آهن، پر هن ڪري خوش ٿيو، تہ اوهان جا نالا آسمان ۾ لکيل آهن.
21انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو. 22سڀيئي شيون مون کي منهنجي پيءُ سونپي ڇڏيون آهن: ۽ پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي؛ نڪي پٽ کانسواءِ، ۽ انهي کانسواءِ جنهن تي پٽ اُهو ظاهر ڪري؛ ٻئي ڪنهن کي اها خبر آهي تہ پيءُ ڪير آهي؟ 23۽ شاگردن ڏانهن منهن ڪري انهن کي پنهنجيءَ پر ۾ چيائين، تہ مبارڪ آهن اُهي اکيون جي اِهو ٿيون ڏسن جيڪي اوهين پيا ڏسو: 24ڇوتہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻن نبين ۽ بادشاهن جي خواهش هئي، تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو، سو ڏسن، پر نہ ڏٺائون، ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻُڌو سو ٻُڌن، پر نہ ٻُڌائون.
25۽ ڏسو، هڪڙو شريعت جو اُستاد اُٿي بيٺو، ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائين، تہ اي اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟ 26تڏهن پاڻ اُنهي کي چيائين، تہ شريعت ۾ ڇا لکيل آهي؟ توکي پڙهڻ ۾ ڪيئن ٿو اچي؟ 27هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ سڄيءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ جان سان، ۽ پنهنجيءَ سڄيءَ طاقت سان، ۽ پنهنجي سڄي عقل سان پيار ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر. 28تنهن تي هن کي چيائين، تہ تو پورو جواب ڏنو آهي، ائين ڪر تہ زندگي ملندءِ. 29پر هن پاڻ کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ يسوع کي چيو، تہ منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟ 30يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو ڏانهن پئي ويو؛ ۽ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاٿس، ۽ مار بہ ڏنائونس، ۽ اڌ مُئو ڪري ڇڏي ويس. 31۽ اتفاقاَ هڪڙو ڪاهن انهي رستي کان پئي ويو، ۽ جڏهن هن کي ڏٺائين تہ پاسو ڪري هليو ويو. 32۽ انهيءَ طرح هڪڙو ليوي بہ اُنهي هنڌ آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو. 33پر هڪڙو سامري مسافري ڪندي اچي اُتان نڪتو: اُن جڏهن کيس ڏٺو تڏهن ڪهل آيس، 34۽ وٽس اچي سندس ڦٽن تي تيل ۽ دارون مکي اُنهن کي پَٽِي ٻَڌائين؛ ۽ پنهنجي وهٽ تي چاڙهي مهمان سراءِ ۾ وٺي آيس، ۽ سندس خدمت ڪيائين. 35۽ ٻئي ڏينهن ٻہ دينار ڪڍي سراءِ واري کي ڏنائين، ۽ چيائينس تہ هن جي خدمت ڪج، ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي ئي سو آئون وري موٽندي اچي ڏيندوسانءِ. 36هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اُهو شخص جو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير پاڙيسري ٿيو؟ 37تنهن تي هن چيو تہ جنهن کي مٿس ڪهل آئي. يسوع چيس تہ تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.
38هاڻي جڏهن هو پنهنجو رستو وٺي پئي ويا، تہ هو هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو، ۽ اُتي مارٿا نالي هڪڙي زال هن کي پنهنجي گهر آڻي ٽڪايو. 39۽ مريم نالي سنديس ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڪلام ويٺي ٻُڌو. 40پر مارٿا گهڻو ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيئي، ۽ وٽس اچي چيائين، تہ اي خداوند، توکي خيال ڪونہ ٿو پوي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ اڪيلو کڻي ڇڏيو آهي؟ هاڻي چئينس تہ اچي منهنجي مدد ڪري. 41پر خداوند وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي مارٿا، اي مارٿا، تون گهڻين ڳالهين جي فڪر ۽ هلاکيءَ ۾ آهين. 42پر هڪڙي ڳالهہ زيادہ ضروري آهي؛ ۽ مريم اُهو چڱو حصو چونڊي کنيو آهي، جو کانئس ڪين کسبو.
Currently Selected:
لوقا 10: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.