لوقا 31:1-33
لوقا 31:1-33 SB62
۽ ڏس، توکي حمل ٿيندو ۽ پٽ ڄمندئي، جنهن جو نالو يسوع رکج. هو بزرگ ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو، ۽ خداوند خدا کيس سندس پيءُ دائود جو تخت ڏيندو. ۽ هو يعقوب جي گهراڻي تي هميشہ بادشاهي ڪندو، ۽ سندس بادشاهت جي آخر ئي ڪانہ ٿيندي.