YouVersion Logo
Search Icon

يوناہ 2

2
1تڏهن يوناہ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پئي ئي، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ:
2مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو.
3ڇالاءِ جو تو مون کي اونهاڙ ۾، يعني سمنڊ جي وچ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ پاڻي مون کي وڪوڙي ويا؛ تنهنجون سڀ لهرون ۽ موجون مون تان لنگهي ويون.
4۽ مون چيو تہ آءٌ تنهنجين اکين کان پري اُڇلايو ويو آهيان؛ انهيءَ هوندي بہ آءٌ وري تنهنجي پاڪ هيڪل ڏي نهاريندس.
5پاڻي مون کي ساهہ تائين وڪوڙي ويا، سمنڊ منهنجي چوڌاري هو؛ رءُ منهنجي مٿي جي چوڌاري ويڙهيل هئا.
6آءٌ جبلن جي ترن تائين هيٺ لهي ويس؛ ڌرتي پنهنجن گزن سان هميشہ لاءِ مون تي بند ٿي ويئي: انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تو منهنجي جان کي پاتال مان ڪڍيو آهي.
7جڏهن منهنجو ساهہ مون ۾ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون خداوند کي ياد ڪيو: ۽ منهنجي دعا تو تائين، يعني تنهنجي پاڪ هيڪل ۾ پهتي.
8جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين.
9پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي.
10۽ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو ۽ انهيءَ اُلٽي ڪري يوناہ کي سڪيءَ زمين تي اُڇلائي وڌو.

Currently Selected:

يوناہ 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in