YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 4

4
1پوءِ جڏهن خداوند کي خبر پيئي تہ فريسين ٻُڌو آهي تہ يسوع يوحنا کان بہ وڌيڪ شاگرد پيو ڪري ۽ بپتسما پيو ڏئي، 2(اگرچہ يسوع پاڻ نہ، پر سندس شاگردن بپتسما ٿي ڏني) 3تڏهن هو يهوديہ مان نڪري وري گليل ڏانهن روانو ٿيو. 4۽ کيس سامريہ ملڪ مان لنگهڻو پيو. 5پوءِ هو سامريہ جي هڪڙي سوخار نالي شهر وٽ، انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ آيو، جا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي: 6۽ اتي يعقوب جو کوهہ هو. پوءِ يسوع، جو مسافريءَ تان ٿڪجي آيو هو، سو ائين جو ائين کوهہ تي اچي ويٺو، اُهو اٽڪل ٻنپهرن جو وقت هو. 7پوءِ اتي سامريا جي هڪڙي زال پاڻي ڀرڻ آئي. يسوع هن کي چيو تہ مون کي پاڻي پيار. 8ڇالاءِ جو هن جا شاگرد شهر مان کاڌو ڳنهڻ ويا هئا. 9تڏهن انهيءَ سامري زال چيس تہ تون يهودي ٿي مون سامري زال کان پاڻي ڪيئن ٿو گهُرين؟ (ڇالاءِ جو يهودين جو سامرين سان ڪو رشتو ڪونهي). 10يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها. 11تڏهن انهي زال چيس، تہ اي سائين، تو وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ اونهو آهي، پوءِ زندگيءَ جو پاڻي تو وٽ ڪٿان آيو؟ 12اسان جو ڏاڏو يعقوب جنهن اسان کي کوهہ ڏنو، ۽ جنهن مان پاڻ ۽ سندس پٽ ۽ سندس مال پيئندو هو، تنهن کان بہ تون وڏو آهين ڇا؟ 13يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ هن پاڻيءَ مان جيڪو پيئي ٿو، تنهن کي وري بہ اُڃ لڳندي: 14پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو. 15انهيءَ زال چيس تہ اي سائين، اُهو پاڻي مون کي ڏي تہ نہ اُڃ لڳيم، نڪي هيترو پنڌ ڪري هت ڀرڻ اچان. 16يسوع چيس تہ وڃي پنهنجي مڙس کي هت سڏي اچ. 17زال جواب ڏيئي چيس تہ مون کي مڙس آهي ئي ڪونہ. يسوع چيس تہ تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي تہ مڙس ڪونہ اٿم. 18ڇالاءِ تہ تون پنج مڙس ڪري چڪي آهين، ۽ هاڻي جنهن وٽ ٿي رهين، سو تنهنجو مڙس نہ آهي: اهو تو سچ چيو آهي. 19زال چيس، تہ اي سائين، آئون سمجهان ٿي تہ تون ڪو نبي آهين. 20اسان جا وڏا هن جبل تي عبادت ڪندا هئا؛ ۽ اوهين چئو ٿا تہ اها جاءِ جتي عبادت ڪرڻ گهرجي سا يروشلم ۾ آهي. 21يسوع هن کي چيو تہ اي مائي، منهنجي ڳالهہ تي اعتبار ڪر تہ اُها گهڙي اچي ٿي، جڏهن اوهين نڪي هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾، پيءُ جي عبادت ڪندا. 22اوهين جنهن کي نٿا سڃاڻو، تنهن جي عبادت ٿا ڪريو، پر اسين جنهن کي ڄاڻون ٿا، تنهن جي عبادت ٿا ڪريون: ڇالاءِ تہ نجات يهودين منجهان آهي. 23پر اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هينئر اچي سهڙي آهي، جڏهن سچا عابد روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا: ڇالاءِ تہ پيءُ اهڙن ئي عابدن کي ٿو چاهي. 24خدا روح آهي: ۽ جيڪي سندس عبادت ٿا ڪن، تن کي روح ۽ سچائيءَ سان عبادت ڪرڻ گهرجي. 25زال چيس، تہ مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي (جنهن کي ڪرستس ڪري ٿا چون)، جڏهن اُهو ايندو، تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندو. 26يسوع چيس تہ اُهو آئون آهيان جو تو سان ويٺو ڳالهايان.
27ايتري ۾ سندس شاگرد آيا؛ ۽ عجب ۾ پيا تہ هو زال ذات سان ويٺو ڳالهائي؛ تہ بہ ڪنهن نہ چيو تہ توکي ڇا گهرجي؟ يا تون هن سان ڇو ٿو ڳالهائين؟ 28پوءِ زال پنهنجو دلو ڇڏي شهر ڏانهن ويئي، ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ 29اچو، هڪڙو ماڻهو تہ اچي ڏسو، جنهن سڀ جيڪي مون ڪيو آهي، سو مون کي ٻُڌايو اٿس: متان هيءُ مسيح تہ نہ آهي؟ 30پوءِ اُهي شهر مان نڪري وٽس آيا.
31ايتري ۾ شاگردن عرض ڪري چيس، تہ اي اُستاد، ڪجهہ کاءُ. 32پر هن چين تہ مون وٽ کائڻ لاءِ اُهو کاڄ آهي، جنهن جي اوهان کي خبر ڪانهي. 33تڏهن شاگرد پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ڪنهن کائڻ لاءِ ڪي آڻي ڏنو اٿس ڇا؟ 34يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان. 35اوهين چئو ڪين ٿا تہ فصل جي لهڻ ۾ اڃا باقي چار مهينا آهن؟ ڏسو، آئون اوهان کي ٿو چوان، تہ پنهنجيون اکيون مٿي کڻو، ۽ پوکن ڏانهن نهاريو، جو اُهي اڳيئي لاباري لاءِ پڪيون بيٺيون آهن. 36لاهياري کي لائي ٿي ملي، ۽ هو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ ڦل ٿو گڏ ڪري؛ تہ ڇا پوکڻ وارو، ۽ ڇا لُڻڻ وارو، ٻئي گڏجي سرها ٿين. 37ڇالاءِ تہ اها چوڻي هتي اچيو لڳي، تہ هڪڙو پوکي ٿو، ٻيو لُڻي ٿو. 38جنهن لاءِ اوهان بازون نہ هنيون آهن، تنهن جي لُڻڻ لاءِ اوهان کي موڪليم، ٻين بازون هنيون ۽ اوهين هنن جي پورهئي ۾ ڀائيوار ٿيا آهيو.
39۽ انهي شهر جي گهڻن سامرين هن زال جي چوڻ ڪري مٿس ايمان آندو، جو هن شاهدي ڀري هئي تہ جيڪي جيڪي مون ڪيو آهي، سو سڀوئي مون کي ٻُڌايو اٿس. 40پوءِ جڏهن اُهي سامري وٽس آيا، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان وٽ اچي ٽڪ، ۽ هو اُتي ٻہ ڏهاڙا ٽڪي پيو. 41۽ سندس ڪلام جي ڪري ٻين بہ گهڻن ايمان آندو؛ 42۽ هو زال کي چوڻ لڳا تہ اسين جو هاڻي مڃون ٿا، سو تنهنجي چوڻ ڪري نہ، پر اسان پاڻ ٻُڌي خاطري ڪئي آهي، ۽ ڄاڻون ٿا تہ سچ پچ هي جهان جو نجات ڏيندڙ آهي.
43ٻن ڏينهن کانپوءِ هو اُتان روانو ٿي گليل ۾ ويو. 44ڇالاءِ تہ يسوع پاڻ شاهدي ڀري تہ ڪنهن بہ نبيءَ کي پنهنجي وطن ۾ عزت نٿي ملي. 45سو جڏهن هو گليل ۾ آيو، تڏهن گليلين کيس قبول ڪيو، ڇالاءِ جو يروشلم ۾ عيد تي جيڪي ڪم هن ڪيا هئا، سي سڀ هنن ڏٺا هئا: ڇوتہ خود انهن جو بہ عيد تي وڃڻ ٿيو هو.
46پوءِ هو وري گليل جي قانا شهر ۾ آيو، جتي هن پاڻيءَ مان مئي ٺاهي هئي، ۽ اُتي هڪڙو امير هو، جنهن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار هو. 47جڏهن هن ٻُڌو تہ يسوع يهوديہ مان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن وٽس ويو ۽ عرض ڪيائينس تہ هلي منهنجي پٽ کي چڱو ڀلو ڪر؛ جو هو مرڻ تي هو. 48يسوع چيس تہ جيستائين اوهين نشانيون ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا، تيستائين هرگز نہ مڃيندا. 49امير کيس چيو، تہ سائين مون سان هل، متان ايتري ۾ منهنجو ٻارڙو نہ مري وڃي. 50يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجو پٽ بچيو. سو يسوع جيڪي چيس، تنهن تي هن ماڻهوءَ ايمان آندو، ۽ هو اُٿي هليو. 51۽ اڃا واٽ تي ئي هو، تہ سندس نوڪر اڳواٽ اچي کيس گڏيا ۽ چيائونس تہ تنهنجو پٽ بچيو آهي. 52تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ڪهڙي وقت هو سکر ٿيڻ لڳو. هنن چيس تہ ڪلهہ صبح جو ستين بجي تپ لهي ويس. 53تڏهن پڻس کي خبر پيئي تہ هي اهو ئي وقت هو، جڏهن يسوع کيس چيو تہ تنهنجو پٽ بچيو: ۽ پاڻ ۽ سندس سڄي خاندان ايمان آندو. 54هي وري ٻيو معجزو آهي، جو يسوع يهوديہ مان گليل ۾ اچي ڏيکاريو.

Currently Selected:

يوحنا 4: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in