يوحنا 18
18
1جڏهن يسوع اهي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن پنهنجن شاگردن سان گڏ قدرون جي نهر جي پار لنگهي ويو، جتي هڪڙو باغ هو، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندس شاگرد ويا. 2هاڻي يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن کي پڻ انهي هنڌ جي خبر هئي، ڇالاءِ جو يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏ اڪثر اوڏانهن ويندو هو. 3پوءِ يهوداهہ پلٽڻ جي سپاهين جي ٽولي هٿ ڪري، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فريسين کان حوالدار وٺي، شمعدانن ۽ مشعلن ۽ هٿيارن پنوهارن سان اُتي آيو. 4هاڻي يسوع کي سڀ خبر هئي تہ مون سان ڇا ٿيڻو آهي، تنهنڪري نڪري آيو، ۽ چيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟ 5هنن جواب ڏنو تہ يسوع ناصريءَ کي. يسوع چين تہ اُهو آئون آهيان. ۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، سو بہ ساڻن بيٺو هو. 6پوءِ هن جو ائين چيو تہ اُهو آئون آهيان، تنهن تي هو پٺتي هٽجي زمين تي ڪِري پيا. 7تڏهن وري پڇيائين تہ ڪنهن کي ٿا ڳوليو؟ هنن چيو تہ يسوع ناصريءَ کي. 8يسوع جواب ڏنو تہ مون اوهان کي چيو تہ اُهو آئون آهيان: سو جي مون کي ٿا ڳوليو، تہ هنن کي ڇڏيو تہ وڃن. 9ائين انهي لاءِ ٿيو، تہ ڪلام جو هن چيو هو تہ ”جيڪي تو مون کي ڏنا، تن مان مون هڪڙو بہ نہ وڃايو،“ سو پورو ٿئي. 10تنهن تي شمعون پطرس جنهن وٽ ترار هئي، تنهن اُها ڪڍي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي، ۽ ساڄو ڪَن ڪَپي ڇڏيائينس. هاڻي انهي نوڪر جو نالو ملخس هو. 11تڏهن يسوع پطرس کي چيو، تہ ترار ورائي کپ ۾ وجهہ: پيالو جو پيءُ مون کي ڏنو آهي، سو آئون نہ پيان ڇا؟
12تنهن تي انهيءَ ٽوليءَ ۽ سندس عملدار، ۽ يهودين جي حوالدارن يسوع کي جهلي ٻَڌو. 13۽ پهريائين يوحنا وٽ وٺي ويس؛ ڇالاءِ تہ ڪائفا جو انهي ورهيہ سردار ڪاهن هو، تنهن جو هو سهرو هو. 14هاڻي قائفا اُهو هو، جنهن يهودين کي صلاح ڏني هئي تہ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو ماڻهو اُمت جي خاطر مري.
15۽ شمعون پطرس يسوع جي پٺيان هلندو ويو، ۽ پڻ اُهو ٻيو شاگرد بہ. هاڻي انهي شاگرد جي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو يسوع سان گڏ سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اندر گهڙي ويو؛ 16پر پطرس دروازي وٽ ٻاهر ئي بيٺو هو. پوءِ اهو ٻيو شاگرد، جنهن جي سردار ڪاهن سان واقفيت هئي، سو ٻاهر دربان کي چئي پطرس کي بہ اندر وٺي ويو. 17پوءِ هڪ نينگر جا دربان هئي، تنهن پطرس کي چيو تہ متان تون بہ هن ماڻهوءَ جي شاگردن مان آهين؟ هن چيو تہ آئون نہ آهيان. 18هاڻي نوڪر ۽ حولدار ڪوئلن جي باهہ ٻاري اتي ويٺا هئا، ڇالاءِ تہ سيءُ پئي پيو؛ ۽ پاڻ بيٺي سيڪيائون: ۽ پطرس بہ ساڻن بيٺي پاڻ سيڪيو.
19تڏهن سردار ڪاهن يسوع کان سندس شاگردن بابت ۽ سندس تعليم بابت سوال پڇيو. 20يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم. 21تون مون کان ڇو ٿو پڇين؟ جن ٻُڌو آهي، تن کان پڇ تہ مون کين ڇا ڇا چيو آهي: ڏس، جيڪي مون چيو آهي، تنهن جي کين خبر آهي. 22۽ اڃا هن ائين چيو ئي ڪين، تہ حوالدار جي اتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي لپاٽ هڻي چيس، تہ سردار ڪاهن کي ٿو ائين جواب ڏين؟ 23يسوع جواب ڏنس تہ جي مون برو چيو آهي تہ برائيءَ جي شاهدي ڀر: پر جي چڱو چيو اٿم تہ ماريم ڇو ٿو؟ 24تنهن تي يوحنا کيس ٻَڌل ئي قائفا سردار ڪاهن وٽ ڏياري موڪليو.
25هاڻي شمعون پطرس ويٺي پاڻ سيڪيو. تڏهن هنن چيس تہ متان تون بہ هن جي شاگردن مان آهين؟ هن انڪار ڪيو ۽ چيائين تہ آئون نہ آهيان. 26سردار ڪاهن جي نوڪرن مان هڪڙو اُنهي جو مائٽ هو، جنهن جو ڪَن پطرس ڪَپيو هو، تنهن چيس تہ مون توکي ڪين ساڻس باغ ۾ ڏٺو؟ 27تنهن تي پطرس وري انڪار ڪيو: ۽ انهي دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني.
28پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين. 29تڏهن پلاطس ٻاهر نڪري وٽن ويو، ۽ چيائين تہ اوهين هن ماڻهوءَ تي ڪهڙي تهمت ٿا رکو؟ 30هنن جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن هيءُ ماڻهو بدڪار نہ هجي ها، تہ اسين جيڪر تنهنجي حوالي ئي ڪين ڪريونس ها. 31تڏهن پلاطس چين، تہ اوهين پاڻ وٺي وڃوس، ۽ پنهنجي شريعت موجب سندس انصاف ڪريو. يهودين چيس تہ اسان کي ڪنهن جي بہ مارڻ جي اختياري نہ آهي. 32سو انهي لاءِ تہ يسوع جو ڪلام ڪيو هو تہ منهنجو موت ڪهڙيءَ طرح ٿيندو، سو پورو ٿئي.
33تڏهن پلاطس وري محلات ۾ ويو، ۽ يسوع کي سڏي چيائين تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ 34يسوع جواب ڏنو تہ تون پاڻو ٿو ائين چئين، يا ٻين منهنجي نالي توکي چيو آهي؟ 35پلاطس جواب ڏنو، تہ آئون يهودي آهيان ڇا؟ تنهنجي قوم جي ماڻهن، ۽ سردار ڪاهنن توکي منهنجي حوالي ڪيو آهي: تو ڇا ڪيو آهي؟ 36يسوع جواب ڏنو، تہ منهنجي بادشاهت هن دنيا جي نہ آهي: جيڪڏهن منهنجي بادشاهت هن دنيا جي هجي ها تہ هوند منهنجا نوڪر وڙهن ها، انهي لاءِ تہ آئون يهودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان: پر هاڻي منهنجي بادشاهت هتي جي نہ آهي. 37تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو. 38پلاطس چيس تہ سچ ڇا آهي؟ ۽ ائين چئي هو وري يهودين وٽ ٻاهر ويو، ۽ چيائين تہ مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ٿو ڏسڻ ۾ اچي. 39پر اوهان جو دستور آهي تہ آئون اوهان جي خاطر فسح تي هڪڙي ڄڻي کي ڇڏيندو آهيان؛ سو اوهان جي مرضي آهي تہ يهودين جي بادشاهہ کي اوهان جي خاطر ڇڏيان؟ 40تنهن تي هنن وري واڪو ڪري چيو تہ هن شخص کي نہ پر برابا کي ڇڏ! هاڻي برابا هڪڙو ڊاڪو هو.
Currently Selected:
يوحنا 18: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.