YouVersion Logo
Search Icon

يرمياہ 24

24
1بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم، ۽ يهوداہ جي اميرن کي، واڍن ۽ لوهارن سميت، يروشلم مان قيد ڪري وٺي ويو ۽ انهن کي بابل ۾ آندائين، تنهن کان پوءِ ڏسو خداوند مون کي انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏيکاريون. 2هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ عمدا انجير هئا، انهن انجيرن جهڙا جي پهرين پچندا آهن: ۽ ٻيءَ ٽوڪريءَ ۾ خراب انجير هئا، جي اهڙا خراب هئا جو کائڻ جي لائق ئي نہ هئا. 3تڏهن خداوند مون کي چيو اي يرمياہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ مون چيو تہ انجير؛ چڱا انجير تمام عمدا آهن؛ ۽ خراب تمام خراب آهن، اهڙا جو کائڻ جي لائق ئي نہ آهن. 4۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 5خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن چڱن انجيرن وانگي آءٌ يهوداہ جي انهن قيدين کي سمجهندس جن کي مون هن هنڌان ڪڍي سندن چڱائي لاءِ ڪسدين جي ملڪ ڏي موڪليو آهي. 6ڇالاءِ جو آءٌ هنن تي چڱائي لاءِ پنهنجي نظر رکندس ۽ انهن کي موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس: ۽ آءٌ انهن کي اڏيندس ۽ ڊاهي ڪين ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي ڄمائيندس ۽ پٽي ڪين ڇڏيندس. 7۽ آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جنهن سان هو مون کي سڃاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ سندن خدا ٿيندس: ڇالاءِ جو هو پنهنجي سڄيءَ ساريءَ دل سان مون ڏي موٽي ايندا. 8۽ جيئن اُهي خراب هئڻ ڪري کائڻ جي لائق ناهن: تيئن، خداوند ٿو فرمائي تہ يقيناً، آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس اميرن کي ۽ يروشلم جا باقي ماڻهو جي انهيءَ زمين ۾ رهيل آهن تن کي، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ ڇڏي ڏيندس: 9آءٌ انهن کي اهڙو ڇڏي ڏيندس جو هو زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ مصيبت منجهہ دربدر ٿي ويندا؛ ۽ جن جن جاين تي آءٌ انهن کي هڪالي موڪليندس اُتي هو ملامت، ۽ پهاڪو، ۽ طعنو، ۽ لعنت ٿيندا. 10۽ آءٌ انهن ۾ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض موڪليندس، جيسين ڪہ جيڪا زمين مون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن مان هو کپي چٽ ٿي وڃن.

Currently Selected:

يرمياہ 24: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 24