YouVersion Logo
Search Icon

هوسيع 7

7
1جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري. 2هو پنهنجين دلين ۾ ايترو ويچار نٿا ڪن تہ آءٌ سندن سڀ شرارت ياد ڪريان ٿو: هاڻي هنن جي بڇڙن ڪمن کين چوڌاري آڻي وڪوڙيو آهي؛ هو منهنجي منهن اڳيان آهن. 3هو پنهنجي شرارت سان بادشاهہ کي خوش ٿا ڪن ۽ سردارن کي پنهنجن ڪوڙن سان. 4اُهي سڀ زاني آهن؛ اُهي نانواين جي تپايل تنور وانگر آهن؛ اٽي ڳوهڻ کان وٺي اُن جي خمير ٿيڻ تائين، هو باهہ کي چورڻ کان بس نٿو ڪري. 5اسان جي بادشاهہ جي ڏينهن، سردارن شراب جي گرميءَ ۾ پاڻ کي بيمار ڪيو آهي، هن ٺٺولي ڪرڻ وارن سان گڏ پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي. 6ڇالاءِ جو اڙن ۾ ويٺي ئي هنن پنهنجي دل تنور وانگي تيار ڪئي؛ هنن جي ڪاوڙ سڄي رات سمهي ٿي؛ ۽ صبح جو اُها باهہ جي مچ وانگر ٻري ٿي. 7هو سڀ تنور وانگر گرم آهن، ۽ پنهنجن قاضين کي ڳهي ٿا وڃن؛ هنن جا سڀ بادشاهہ ڪِريا پيا آهن: هنن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو مون کي سڏي. 8افرائيم وڃي ٻين قومن سان گڏيو آهي؛ افرائيم اڻ اُٿلايل ماني آهي. 9ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي. 10۽ اسرائيل جي مغروري سندس منهن اڳيان ثابتي ٿي ڏئي: انهي هوندي بہ هو خداوند پنهنجي خدا وٽ نہ موٽيا آهن، ۽ نہ ايتري چوندي بہ انهي کي ڳوليو اٿن. 11افرائيم هڪڙي بيوَقوف ڪبوتر وانگر بي سمجهہ آهي: هو مصر کي سڏين ٿا، ۽ اسور وٽ وڃن ٿا. 12جڏهن هو ويندا، تڏهن آءٌ هنن تي پنهنجو ڄار پکيڙيندس؛ ۽ آءٌ هنن کي هوا جي پکين وانگر هيٺ لاهيندس: آءٌ هنن کي سيکت ڏيندس، جيئن سندن جماعت ٻڌو آهي. 13ويل هجي انهن لاءِ! ڇالاءِ جو اهي مون کان گمراهہ ٿي ويا آهن؛ موت هجي انهن جي لاءِ! ڇالاءِ جو هو مون کان باغي ٿي ويا آهن: جيتوڻيڪ مون هنن کي بچائڻ گهريو تہ بہ هنن منهنجي آڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي. 14هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن. 15جيتوڻيڪ مون هنن کي تعليم ڏني آهي، ۽ هنن جي ٻانهن کي زور وٺايو اٿم، تہ بہ اُهي منهنجي برخلاف حرڪت ڪرڻ جو خيال ٿا ڪن. 16هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.

Currently Selected:

هوسيع 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in