هوسيع 4
4
1اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ. 2ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي. 3تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون. 4انهي هوندي بہ ڪو ماڻهو جهيڙو نہ ڪري، ۽ نہ ڪو ماڻهو عتاب ڏئي، ڇالاءِ جو تنهنجي قوم انهن جهڙي آهي جي ڪاهن سان جهيڙو ٿا ڪن. 5۽ تون ڏينهن جو ٿاٻو کائيندين، ۽ نبي بہ تو سان گڏ رات جو ٿاٻو کائيندو؛ ۽ آءٌ تنهنجي ماءُ کي ناس ڪري ڇڏيندس. 6منهنجي قوم علم نہ هئڻ ڪري ناس ٿي ويئي آهي: تو معرفت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ توکي بہ رد ڪندس، تہ تون منهنجو ڪاهن نہ ٿين: جڏهن تو پنهنجي خدا جي شريعت وساري ڇڏي آهي، تڏهن آءٌ بہ تنهنجا ٻار وساري ڇڏيندس. 7جيئن هو وڌندا ويا تيئن منهنجو گناهہ ڪندا ويا: آءٌ هنن جي عزت مٽائي خواري ڪندس. 8هو منهنجي قوم جي گناهہ تي گذران ڪن ٿا، ۽ انهن جي بدڪاريءَ تي پنهنجي دل لڳائين ٿا. 9۽ اهڙو حال ٿيو جو جهڙا ٻيا ماڻهو تهڙو ڪاهن: ۽ آءٌ هنن کي سندن افعالن جي ڪري سزا ڏيندس، ۽ سندن ڪمن جو بدلو ڏيندس. 10هو کائيندا پر ڍءُ نہ ٿيندن؛ هو زناڪاري ڪندا پر وڌندا ڪين: ڇالاءِ جو هنن خدا جو خيال ڇڏي ڏنو آهي. 11زناڪاري، ۽ شراب، ۽ نئون شراب سمجهہ وڃايو ٿا ڇڏين. 12منهنجي قوم جا ماڻهو بنڊ وٽ سوال ٿا ڪن، ۽ سندن لٺ کين خبر ٿي ٻڌائي؛ ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جي روح هنن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجي خدا جي هٿان نڪري وڃي زنا کي لڳا آهن. 13هو جبلن جي چوٽين تي قربانيون ٿا ڪن، ۽ ٽڪرين تي شاهہ بلوط ۽ ديودارن، ۽ تارپين جي وڻ هيٺ لوبان ٿا ساڙين، ڇالاءِ جو انهن جي ڇانوَ چڱي آهي: تنهنڪري اوهان جون ڌيئون ڪسب ٿيون ڪمائين، ۽ اوهان جون ننهون زناڪاريون ٿيون ڪن. 14آءٌ اوهان جي ڌيئن کي ڪسب ڪرڻ وقت سزا نہ ڏيندس، ۽ نہ اوهانجن نهن کي زناڪاري ڪندي؛ ڇالاءِ جو هو پاڻ ڪسبين سان گڏجي پاسي تي نڪري وڃن ٿا، ۽ ڪڃرين سان گڏ هو قرباني ٿا ڪن: ۽ جيڪا قوم نہ سمجهندي سا ناس ڪئي ويندي. 15جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي. 16ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو. 17افرائيم وڃي بتن سان گڏيو آهي، انهي کي ڇڏي ڏيو. 18هن جو شراب کَٽو ٿي پيو آهي: هو سدائين زناڪاري پيا ڪن؛ ان جي حاڪمن کي خواري پسند آهي. 19هوا ان کي پنهنجن کنڀن ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي، ۽ هو پنهنجين قربانين جي ڪري شرمندا ٿيندا.
Currently Selected:
هوسيع 4: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.