YouVersion Logo
Search Icon

هوسيع 2

2
1اوهين پنهنجن ڀائرن کي چئو عمي، ۽ پنهنجين ڀينرن کي روحامہ.
2اوهين پنهنجي ماءُ سان حجت دليل ڪريو، ڀلي حجت دليل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هوءَ منهنجي زال نہ آهي، نڪي آءٌ هن جو مڙس آهيان: ۽ ڀلي تہ هوءَ پنهنجي منهن کان زناڪاريون ۽ پنهنجين ڇاتين کان حرامڪاريون پاسي ڪري؛ 3متان آءٌ هن کي اُگهاڙو ڪريان، ۽ اهڙو ڪري ڇڏيانس جهڙي ڄمڻ واري ڏينهن هئي، ۽ بيابان جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ خشڪ زمين جهڙو بنائي ڇڏيانس، ۽ اُڃ سان ماريانس. 4هائو، آءٌ هن جي اولاد تي رحم نہ ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي زنا جو اولاد آهن. 5ڇالاءِ جو هنن جي ماءُ ڪڃري ٿي گذاريو آهي: جنهن جي پيٽ ۾ هو هئا، تنهن خواريءَ جهڙو ڪم ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ پنهنجن يارن جي پٺيان وينديس، جي مون کي ماني ۽ پاڻي، اُن ۽ سڻي، تيل ۽ شراب ٿا ڏين. 6تنهنڪري ڏس، آءٌ ڪنڊن سان تنهنجو رستو بند ڪندس، ۽ هن جي سامهون ڀت کڻي ڇڏيندس، جنهنڪري هوءَ پنهنجا رستا لهي نہ سگهندي. 7۽ هوءَ پنهنجي سينڌن جي پٺيان لڳندي، پر انهن کي وڃي پهچي نہ سگهندي؛ ۽ هوءَ انهن کي ڳوليندي، پر انهن کي ڪين لهندي: پوءِ هوءَ چوندي تہ آءٌ موٽي پنهنجي پهرين مڙس وٽ وينديس؛ ڇالاءِ جو تڏهن منهنجي حالت هاڻوڪيءَ کان بهتر هئي. 8ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو. 9تنهنڪري آءٌ اُن جي فصل وقت پنهنجو اَن، ۽ موسم ۾ پنهنجو شراب موٽائي وٺندس، ۽ پنهنجي اُن ۽ پنهنجي سڻي ڇني وٺندس، جي جيڪر سندس اوگهڙ ڍڪين ها. 10هاڻي آءٌ سندس يارن جي اڳيان سندس شهوت پرستي ظاهر ڪندس، ۽ ڪوبہ هن کي منهنجي هٿان نہ ڇڏائيندو. 11آءٌ هن جي سڀ خوشي، هن جون عيدون، هن جا نوان چنڊ، ۽ هن جا سبت، ۽ هن جون سڀ سڳوريون مجلسون بند ڪري ڇڏيندس. 12۽ آءٌ هن جون ڊاکون، ۽ هن جا انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جنهن جي نسبت ۾ هن چيو آهي تہ اهي منهنجن سينڌن جي ڏنل خرچي آهن: ۽ آءٌ انهن کي ٻيلو ڪري ڇڏيندس، ۽ جهنگ جا مرون اُنهن کي پيا کائيندا. 13۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي. 14تنهنڪري ڏس، آءٌ هن کي ڌتاري بيابان ۾ آڻيندس، ۽ دلاسو ڏيئي ساڻس ڳالهائيندس. 15۽ انهي کان پوءِ آءٌ هن کي سندس ڊاک جا منهہ ڏيندس، ۽ عڪور جي وادي اُميد جو در ڪري ڏيندس: ۽ هوءَ پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر اُتي جواب ڏيندي، ۽ اُنهي ڏينهن وانگر جڏهن هوءَ مصر جي زمين مان نڪري آئي هئي. 16۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ تون مون کي ايشي سڏيندينءَ؛ ۽ مون کي وري اڳتي بعلي نہ سڏيندينءَ. 17ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا. 18۽ انهي ڏينهن آءٌ هن جي پاران جهنگ جي جانورن، ۽ آسمان جي پکين، ۽ زمين جي سرندڙ شين سان عهد اقرار ڪندس: ۽ آءٌ انهي زمين مان ڪمان، ۽ ترار، ۽ لڙائي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان آرام ۾ ليٽائيندس. 19۽ آءٌ توکي هميشہ لاءِ پنهنجي مڱ ڪندس؛ هائو، آءٌ توکي سچائيءَ ۽ عدالت ۽ محبت جهڙي مهرباني، ۽ رحم سان پنهنجي مڱ ڪندس. 20هائو، آءٌ توکي پنهنجي وفاداريءَ ۾ پنهنجي مڱ ڪندس، ۽ تون خداوند کي سڃاڻندينءَ. 21۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ آسمانن جي سڏ جو جواب ڏيندس، ۽ آسمان زمين جي سڏ جو جواب ڏيندا؛ 22۽ زمين اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو جواب ڏيندي؛ ۽ اُهي يزرعيل جو جواب ڏيندا 23۽ آءٌ هن کي پنهنجي لاءِ زمين ۾ پوکيندس؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي رحم ڪندس، جنهن تي رحم نہ ڪيو ويو هو، ۽ جيڪي منهنجي اُمت نہ هئا تن کي آءٌ چوندس تہ اوهين منهنجي اُمت آهيو؛ ۽ هو چوندا تہ تون اسان جو خدا آهين.

Currently Selected:

هوسيع 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in