هوسيع 12
12
1افرائيم هوا تي گذران ٿو ڪري، ۽ اُڀرندي جي واءُ جي پٺيان ٿو وڃي: هو هميشہ ڪوڙ ۽ ظلم وڌائيندو وڃي: هو اسور سان عهد اقرار ڪري ٿو، ۽ تيل مصر ۾ پهچايو ٿو وڃي. 2خداوند جو يهوداہ سان بہ تڪرار آهي، ۽ هو يعقوب کي سندس راهن موافق سزا ڏيندو؛ انهي کي هو سندس ڪمن موافق بدلو ڏيندو. 3ماءُ جي پيٽ ۾ ئي هن پنهنجي ڀاءُ کي کڙيءَ کان ورتو؛ ۽ جڏهن هو وڏو ٿيو تڏهن خدا سان زور آزمايائين: 4هائو، هن فرشتي سان زور آزمايو، ۽ انهي تي غالب آيو: هن رنو، ۽ عرض ڪيائينس: هن انهي کي بيت ايل ۾ لڌو، ۽ اُتي اسان سان ڳالهايائين؛ 5يعني خداوند، لشڪرن جي خدا؛ جو سندس يادگار آهي. 6تنهنڪري تون خداوند ڏانهن ڦر، نيڪي ۽ راستيءَ کي قائم ڪر، ۽ هميشہ پنهنجي خدا تي ڀروسو رک.
7هو هڪڙو سوداگر آهي، ۽ ٺڳيءَ جي ساهمي سندس هٿ ۾ آهي: هن کي ظلم ڪرڻ پسند آهي. 8۽ افرائيم چيو تہ يقيناً آءٌ دولتمند ٿيو آهيان، مون دولت لڌي آهي: منهنجن سڀني ڪمن ۾ هو مون ۾ ڪابہ بدڪاري ڪانہ لهندا جا گناهہ ٿي سگهي. 9پر آءٌ مصر جي ملڪ کان وٺي خداوند تنهنجو خدا آهيان؛ آءٌ اوهان کي اڃا وري بہ تنبن ۾ رهائيندس، جيئن پاڪ عيد واري ڏينهن ۾ هو. 10مون نبين سان بہ ڳالهايو آهي، ۽ رويا بہ وڌايا آهن؛ ۽ نبين جي وسيلي مون تمثيلون ڪم ۾ آنديون آهن. 11يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ. 12۽ يعقوب آرام جي زمين ڏانهن ڀڳو، ۽ اسرائيل زال جي خاطر ٻانهو ٿيو، ۽ زال جي لاءِ رڍون چاريائين. 13هڪڙي نبيءَ جي وسيلي خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ هڪڙي نبيءَ جي وسيلي هو بچايو ويو. 14افرائيم پنهنجن ڪمن ڪري تمام گهڻي ڪاوڙ ڏياري آهي، تنهنڪري هن جو رت سندس مٿان ئي رهندو، ۽ ان جي ملامت سندس خداوند مٿس موٽائي آڻيندو.
Currently Selected:
هوسيع 12: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.