YouVersion Logo
Search Icon

حجيءَ 1

1
1دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو، 2تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هيءَ قوم چوي ٿي تہ اسان جي اچڻ جو اڃا اهو وقت نہ آهي، يعني خداوند جي گهر جي جڙڻ جو وقت. 3تڏهن خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ 4اهو ڪو وقت آهي ڇا تہ اوهين پاڻ پنهنجين ڇتين پيل گهرن ۾ رهو، ۽ هي گهر ويران پيو هجي؟ 5تنهنڪري هاڻي لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو. 6اوهان گهڻو ئي پوکيو پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو؛ اوهين کائو ٿا پر ڍءُ ڪين ٿو ٿئي: اوهين پيئو ٿا، پر آسودا نٿا ٿيو، اوهين ڪپڙا ڍڪيو ٿا، پر اوهان مان ڪوبہ گرم نٿو رهي؛ ۽ جيڪو مزوري ڪمائي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ڪمائي ٿو تہ ٽُنگن واري ڳوٿريءَ ۾ وجهي. 7لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پنهنجين راهن تي ويچار ڪريو. 8پهاڙي علائقي ۾ وڃو ۽ ڪاٺ آڻي گهر اڏيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ ۾ خوش ٿيندس، ۽ انهيءَ ۾ منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي. 9اوهان گهڻي جي اُميد رکي، پر ڏسو ٿورو ٿي پيو؛ ۽ جڏهن اهو اوهين پنهنجو حاصل گهر کڻي آيا، تڏهن مون ڦوڪ ڏيئي اُهو اُڏائي ڇڏيو. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو منهنجو گهر ويران پيو آهي ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر ڊوڙندو ٿو وڃي. 10تنهنڪري اوهان جي خاطر آسمان مان ماڪ نٿي پوي؛ ۽ زمين جو ڦر روڪجي ويو آهي. 11۽ مون ملڪ تي ۽ جبلن تي، اَن تي ۽ شراب تي، تيل تي ۽ زمين جي پيدائش تي، ۽ ماڻهن تي ۽ چوپائي مال تي، ۽ اوهان جي هٿن جي سڄي پورهئي تي خشڪ سالي ڪوٺي آندي آهي.
12تڏهن زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، قوم جي سڀني باقي رهيلن سميت، خداوند پنهنجي خدا جو حق مڃيو، ۽ حجي نبيءَ جون ڳالهيون بہ مڃيون، جنهن کي خداوند سندن خدا موڪليو هو؛ ۽ سڀ خداوند جي حضور ۾ خوف ڪرڻ لڳا. 13تڏهن خداوند جي پيغمبر حجيءَ ماڻهن کي خداوند جو پيغام ٻڌايو ۽ چيائين، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان سان آهيان. 14۽ خداوند يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل جي روح کي، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق جي روح کي، ۽ قوم جي سڀني باقي رهيلن جي روح کي سجاڳ ڪيو، ۽ هو، لشڪرن جي خداوند، يعني پنهنجي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. 15۽ اهو دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾ ڇهين مهيني جي چوويهين تاريخ ٿيو.

Currently Selected:

حجيءَ 1: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in