YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 5

5
1آدم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن خدا آدم کي پيدا ڪيو تہ هن کي پنهنجيءَ شڪل موجب جوڙيائين؛ 2نر ۽ ناريءَ کي پيدا ڪيائين؛ ۽ کين برڪت ڏنائين، ۽ جنهن ڏينهن اهي پيدا ٿيا، سندن نالو آدم رکيائين. 3۽ جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس سندس صورت تي ۽ سندس جهڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين. 4۽ سيت جي ڄمڻ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون. 5۽ آدم جي سموري عمر نو سؤ ٽيهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.
6جڏهن سيت هڪ سؤ پنجن ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان اُنوس پيدا ٿيو: 7۽ اُنوس جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ سيت اٺ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: 8۽ سيت جي سموري عمر نو سؤ ٻارهن ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.
9جڏهن اُنوس نوي ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان قينان پيدا ٿيو: 10۽ قينان جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ اُنوس اٺ سؤ پندرهن سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: 11۽ اُنوس جي سموري عمر نو سؤ پنج ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.
12جڏهن قينان ستر ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان محلل ايل پيدا ٿيو: 13۽ محلل ايل جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ قينان اٺ سؤ چاليهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: 14۽ قينان جي سموري عمر نو سؤ ڏهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.
15جڏهن محلل ايل پنجهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان يارد پيدا ٿيو: 16۽ يارد جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ محلل ايل اٺ سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: 17۽ محلل ايل جي سموري عمر اٺ سؤ پنجانوي ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.
18جڏهن يارد هڪ سؤ ٻاهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان حنوڪ پيدا ٿيو: 19۽ حنوڪ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ يارد اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: 20۽ يارد جي سموري عمر نو سؤ ٻاهٺ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.
21جڏهن حنوڪ پنجهٺ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان متوسلحہ پيدا ٿيو: 22۽ متوسلحہ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ حنوڪ ٽي سؤ سال خدا ساڻ پئي هليو، ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: 23۽ حنوڪ جي سموري عمر ٽي سؤ پنجهٺ ورهيہ هئي: 24۽ حنوڪ خدا ساڻ هلندو رهيو ۽ گم ٿي ويو، ڇالاءِ جو خدا هن کي کڻي ورتو.
25جڏهن متوسلحہ هڪ سؤ ستاسي ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان لمڪ پيدا ٿيو: 26۽ لمڪ جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ متوسلحہ ست سؤ ٻياسي سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: 27۽ متوسلحہ جي سموري عمر نو سؤ اوڻهتر ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.
28جڏهن لمڪ هڪ سؤ ٻياسي ورهين جو ٿيو، تڏهن منجهانئس هڪ پٽ پيدا ٿيو، 29جنهن جو نالو نوح رکيائين، ۽ چيائين تہ زمين، جنهن کي خدا لعنتي ڪيو آهي، تنهن جي سبب اسين پنهنجن هٿن جو جيڪو پورهيو ۽ محنت پيا ڪريون، تنهن کان هي ٻار اسان کي آرام ڏيندو. 30۽ نوح جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ لمڪ پنج سؤ پنجانوي سال جيئرو رهيو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيون ڄايون: 31۽ لمڪ جي سموري عمر ست سؤ ستهتر ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.
32جڏهن نوح پنج سؤ ورهين جو ٿيو، تڏهن هن مان سم، حام، ۽ يافت پيدا ٿيا.

Currently Selected:

پيدائش 5: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in