YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 37

37
1سو يعقوب وڃي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو، جتي سندس پيءُ مسافر ٿي گذاريندو هو. 2يعقوب جي نسل جو احوال هن ريت آهي.
جڏهن يوسف سترهن ورهين جو ٿيو، تڏهن پنهنجي ڀائرن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو، ۽ اُهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ جي زالن بلهاہ ۽ زلفہ جي پٽن سان گڏ رهندو هو، ۽ انهن جي برن ڪمن جي خبر پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو. 3هاڻي، اسرائيل يوسف کي پنهنجي سڀني پٽن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو اهو سندس پيريءَ ۾ پيدا ٿيو، ۽ هن کي هڪڙو رنگارنگي ڪُرتو جوڙائي ڏنو هئائين. 4پر جڏهن هن جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ هن کي سندس سڀني ڀائرن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪري تڏهن هو سندس حقارت ڪرڻ لڳا، ۽ ساڻس چڱيءَ طرح ڪين ڳالهائيندا هئا.
5پوءِ يوسف هڪڙو خواب لڌو، جو هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، انهيءَ ڪري هو سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا. 6هن کين چيو تہ مون جيڪو خواب لڌو آهي، سو ڀلائي ڪري ٻڌو: 7ڏسو اسان ٻنيءَ ۾ ڪانن جا گڏا پئي ٻڌا، تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اُڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا هن جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ منهنجي گڏي کي سجدو ڪيائون. 8تڏهن سندس ڀائرن چيس تہ تون سچ پچ اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا سچ پچ اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟ ۽ هن جي خوابن ۽ ڳالهين ڪري، هو پاڻ سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا. 9پوءِ هن وري ٻيو خواب لڌو، ۽ اهو بہ هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو ۽ چيائين تہ ڏسو، مون وري هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي؛ ۽ ڏسو، سج، چنڊ ۽ يارهن تارن مون کي سجدو ڪيو. 10هن اهو پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، تڏهن پڻس ڇينڀي چيس تہ هي تو ڪهڙو خواب لڌو آهي؟ آءٌ ۽ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر سچ پچ تنهنجي اڳيان زمين تائين جهڪي سجدو ڪنداسين ڇا؟ 11انهيءَ ڪري سندس ڀائر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا؛ پر سندس پيءُ اها ڳالهہ دل ۾ رکي.
12پوءِ سندس ڀائر سڪم ۾ پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ ويا. 13۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ ڪين ٿا چارين؟ اچ تہ آءٌ توکي انهن وٽ موڪليان. ۽ هن چيس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 14تڏهن هن چيس تہ وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر خوش چڱا ڀلا آهن، ۽ ڌڻ تہ صحيح سلامت آهي؛ ۽ موٽي اچي مون کي خبر ڏي. سو کيس حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيائين ۽ هو سڪم ۾ آيو. 15اتي هڪڙي ماڻهوءَ هن کي ڏٺو تہ هو جهنگ ۾ پيو رلي: سو پڇيائينس تہ تون ڇا ٿو ڳولين؟ 16هن چيو تہ آءٌ پنهنجن ڀائرن کي ٿو ڳوليان: ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ اُهي پنهنجو ڌڻ ڪٿي ٿا چارين. 17تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ اهي هتان هليا ويا آهن؛ ڇالاءِ جو مون کين چوندو ٻڌو تہ هلو تہ دوتين ڏانهن هلون. پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن جي پٺيان ويو ۽ دوتين ۾ وڃي کين گڏيو. 18هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو ۽ اڃا هو سندن ويجهو ئي ڪونہ آيو، تہ پاڻ ۾ منصوبو ڪيائون تہ هن کي قتل ڪري ڇڏيون. 19۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اِجهو خوابن لهڻ وارو ٿو اچي. 20سو هاڻي اچو تہ هن کي قتل ڪري، ڪنهن کڏ ۾ اُڇلائي وجهون، پوءِ چونداسين تہ ڪو جهنگ جو مرون کائي ويو اٿس: پوءِ ڏسون تہ هن جي خوابن جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري. 21پر روبن اها ڳالهہ ٻڌي هن کي سندن هٿان بچايو، ۽ چيائين تہ هن کي ماري نہ وجهون. 22سو روبن هنن کي چيو تہ رت نہ وهايون؛ پر هتي رڻ پٽ ۾ جا هيءَ کڏ آهي، تنهن ۾ کڻي اُڇلايوس، پر وڌيڪ هٿ نہ لايوس: هن جو خيال هو تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي سندس پيءُ وٽ پهچايان. 23۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن وٽ آيو، تڏهن جيڪو رنگارنگي ڪُرتو پيو هوس، سو لاهي ورتائونس، 24۽ پوءِ انهيءَ کڏ ۾ کڻي اڇلايائونس: اها کڏ سڪل هئي، منجهس پاڻي ڪونہ هو.
25پوءِ هو ويهي ماني کائڻ لڳا، ۽ هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڇا ٿا ڏسن تہ اسماعيلين جو هڪڙو قافلو جلعاد کان ٿو اچي ۽ ساڻن گڏ اُٺن تي مصالحہ، سرهاڻيون ۽ مُر آهي، جي مصر ڏانهن کڻي ٿا وڃن. 26تڏهن يهوداہ پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ جي اسين پنهنجي ڀاءُ کي ماري، سندس خون لڪائي ڇڏينداسين تہ ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ 27اچو تہ هن کي اسماعيلين جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ وڌيڪ هٿ نہ لايونس؛ ڇالاءِ جو هو اسان جو ڀاءُ ۽ اسان جو رت آهي. سندس ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي. 28پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.
29پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. 30۽ پنهنجن ڀائرن وٽ موٽي اچي چوڻ لڳو تہ، ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڪيڏانهن وڃان؟ 31پوءِ هنن يوسف جو ڪُرتو کنيو، ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي، تنهن جي رت ۾ اهو ڪُرتو ٻوڙيائون؛ 32پوءِ هنن اهو رنگارنگي ڪُرتو پنهنجي پيءُ وٽ آندو، ۽ چيائونس تہ اسان هي لڌو آهي، هاڻي سڃاڻ تہ هي تنهنجي پٽ جو ڪُرتو تہ ڪونهي؟ 33۽ هن اُهو ڪُرتو سڃاتو ۽ چوڻ لڳو تہ هي تہ برابر منهنجي پٽ جو ڪُرتو آهي. ڪو جهنگ جو مرون هن کي کائي ويو آهي، بيشڪ يوسف کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو اٿس. 34۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو. 35۽ سندس سڀيئي پٽ ۽ ڌيون اٿي کيس دلاسو ڏيڻ لڳا، پر هن کي تسلي نٿي آئي؛ ۽ هو چوڻ لڳو تہ آءٌ ماتم ڪري ڪري پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس. انهيءَ طرح يوسف جي لاءِ سندس پيءُ روئندو رهيو. 36پوءِ مديانين هن کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جو فرعون جو هڪڙو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان هو.

Currently Selected:

پيدائش 37: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in