YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 30

30
1جڏهن راخل ڏٺو تہ يعقوب کي هن مان ڪوبہ ٻار پيدا نہ ٿيو آهي، تڏهن راخل پنهنجيءَ ڀيڻ سان حسد ڪرڻ لڳي؛ ۽ يعقوب کي چيائين تہ مون کي بہ ٻار ڏي، نہ تہ آءٌ مري وينديس. 2تڏهن يعقوب راخل تي تمام گهڻو غصي ٿيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ ڪو خدا آهيان جنهن توکي پيٽ جي ڦل کان وانجهي رکيو آهي؟ 3تڏهن هن چيو تہ اِجها منهنجي ٻانهي بلهاہ حاضر آهي، انهيءَ وٽ وڃ، تہ هوءَ ٻار ڄڻي منهنجي هنج ۾ ڏئي، ۽ آءٌ بہ هن جي ڪري ٻارن واري ٿيان. 4سو هن پنهنجي ٻانهي بلهاہ کيس زال ڪري ڏني، ۽ يعقوب هن وٽ ويو. 5۽ بلهاہ حاملہ ٿي ۽ کيس يعقوب مان پٽ پيدا ٿيو. 6تڏهن راخل چيو تہ خدا منهنجو انصاف ڪيو آهي، ۽ منهنجي دانهن بہ ٻڌي اٿس ۽ مون کي پٽ ڏنو اٿس، تنهنڪري انهيءَ جو نالو دان رکيائين. 7۽ راخل جي ٻانهي وري حاملہ ٿي ۽ کيس يعقوب مان ٻيو پٽ ڄائو. 8تڏهن راخل چيو تہ مون خدا کي ڏاڍيون نيزاريون ڪري پنهنجيءَ ڀيڻ سان مقابلو ڪيو، ۽ مٿس غالب پيئي آهيان، تنهنڪري انهيءَ جو نالو نفتالي رکيائين.
9جڏهن لياہ ڏٺو تہ مون ويامڻ کان بس ڪئي آهي، تڏهن پنهنجي ٻانهي زلفہ يعقوب کي زال ڪري ڏنائين. 10۽ لياہ جي ٻانهيءَ زلفہ کي بہ يعقوب مان پٽ پيدا ٿيو. 11تڏهن لياہ چيو تہ نصيب وارو، تنهنڪري انهيءَ جو نالو جد رکيائين. 12۽ لياہ جي ٻانهيءَ زلفہ کي يعقوب مان ٻيو پٽ بہ ڄائو. 13تڏهن لياہ چيو تہ آءٌ نصيب واري آهيان؛ ڇالاءِ جو زالون مون کي واڌايون ڏينديون، تنهنڪري انهيءَ جو نالو آشر رکيائين.
14۽ روبن ڪڻڪ جي لاباري جي ڏينهن ۾ ٻنيءَ ۾ ويو ۽ اتي دودا لڌائين، جي هن آڻي پنهنجيءَ ماءُ لياہ کي ڏنا. تڏهن راخل لياہ کي چيو تہ ڀلائي ڪري پنهنجي پٽ جي دودن مان ٿورا مون کي بہ ڏي. 15پر هن چيس تہ اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا، جو تو منهنجي مڙس کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي پٽ جا دودا بہ وٺڻ ٿي گهرين؟ تنهن تي راخل چيس تہ چڱو ڀلا تنهنجي پٽ جي دودن جي عيوض اڄ رات هو توسان سمهندو. 16پوءِ جڏهن يعقوب سانجهيءَ جو ٻنيءَ مان آيو، تڏهن لياہ کيس گڏجڻ ويئي ۽ چيائينس تہ تون مون وٽ اچ؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي پٽ جا دودا ڏيئي، اڄوڪيءَ رات لاءِ توکي ڀاڙي تي ورتو آهي. سو هو اها رات ساڻس گڏ ستو. 17۽ خدا لياہ جو عرض ٻڌو، ۽ هوءَ حاملہ ٿي، ۽ کيس يعقوب مان پنجون پٽ ڄائو. 18تڏهن لياہ چيو تہ خدا مون کي منهنجو بدلو ڏنو آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي ڏني: تنهنڪري انهيءَ جو نالو اشڪار رکيائين. 19۽ لياہ وري بہ حاملہ ٿي ۽ کيس يعقوب مان ڇهون پٽ ڄائو. 20تڏهن لياہ چيو تہ خدا مون کي چڱو ڏاج ڏنو آهي؛ هاڻي منهنجو مڙس مون سان گڏجي رهندو؛ ڇالاءِ جو مون کي منجهانئس ڇهہ پٽ ڄاوا آهن؛ تنهنڪري انهيءَ جو نالو زبولون رکيائين. 21تنهن کان پوءِ هن کي ڌيءَ ڄائي ۽ انهيءَ جو نالو دينہ رکيائين. 22۽ خدا راخل کي بہ ياد ڪيو، ۽ سندس عرض ٻڌائين، ۽ سندس رحم کوليائين. 23۽ هوءَ حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس: تڏهن چيائين تہ خدا مون تان مهڻو لاهي ڇڏيو. 24تنهنڪري انهيءَ جو نالو يوسف رکيائين، ۽ چيائين تہ خدا مون کي ٻيو بہ پٽ ڏئي.
25۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن راخل کي يوسف ڄائو، تڏهن يعقوب لابن کي چيو تہ مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ پنهنجي گهر، ۽ پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃان. 26مون کي منهنجيون زالون ۽ منهنجا ٻار ڏي، جن لاءِ مون تنهنجو پورهيو ڪيو آهي، ۽ مون کي وڃڻ ڏي: ڇالاءِ جو مون جيڪو تنهنجو پورهيو ڪيو آهي، تنهن جي توکي خبر آهي. 27تڏهن لابن چيس تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهہ؛ ڇالاءِ جو مون کي آزمودي مان معلوم ٿيو آهي، تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي. 28۽ چيائينس تہ هاڻي تون پنهنجو اُجورو مقرر ڪر تہ اهو آءٌ توکي ڏيندو رهندس. 29تڏهن هن چيس تہ توکي خبر آهي تہ ڪهڙيءَ طرح مون تنهنجو پورهيو ڪيو آهي، ۽ ڪيئن تنهنجي مال کي سنڀاليو اٿم. 30ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ آيس تڏهن اهو ٿورو هو، پر هاڻي وڌي گهڻو ٿيو آهي؛ ۽ منهنجي اچڻ کان پوءِ خداوند توکي برڪت ڏني آهي. هاڻي آءٌ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪڏهن ڪندس؟ 31تنهن تي هن چيو تہ آءٌ توکي ڇا ڏيان؟ يعقوب چيس تہ تون مون کي ڪجهہ بہ نہ ڏي، جيڪڏهن تون منهنجي لاءِ هيترو ڪندين، تہ پوءِ آءٌ وري بہ تنهنجو ڌڻ چاريندس، ۽ انهي جي سنڀال ڪندس. 32اڄ آءٌ تنهنجي ڌڻ مان لنگهندس ۽ انهيءَ مان سڀ چٽڪمرو ۽ ابلق مال ڪڍي ڌار ڪندس، ۽ رڍن مان سڀ ڪاريون، ۽ ٻڪرين مان سڀ چٽڪمريون ۽ ابلق ڪڍي ڌار ڪندس: ۽ اهي منهنجو اُجورو ٿينديون. 33۽ اڳتي بہ جڏهن منهنجي اُجوري جو وقت ايندو، تڏهن انهيءَ طرح منهنجي راستبازي تنهنجي اڳيان ثابت ٿيندي: ٻڪرين ۾ جيڪا چٽڪمري ۽ ابلق نہ هوندي، ۽ رڍن ۾ جيڪا ڪاري نہ هوندي، سا چورايل سمجهبي. 34تڏهن لابن چيو تہ ڏس، مون کي تنهنجي ڳالهہ قبول آهي. 35۽ هن انهيءَ ڏينهن جيڪي ٻڪر پٽاپٽي ۽ ابلق هئا، ۽ جيڪي ٻڪريون چٽڪمريون ۽ ابلق هيون، ۽ جن ۾ ڪا اڇاڻ هئي، سي سڀ، ۽ رڍن ۾ جيڪي ڪاريون هيون، سي سڀ ڪڍي پنهنجن پٽن جي حوالي ڪيون. 36پوءِ هن پنهنجي ۽ يعقوب جي وچ ۾ ٽن ڏينهن جي پنڌ جيترو ويڇو ڇڏيو، ۽ لابن جي ڌڻن مان جيڪي باقي بچيا، تن کي يعقوب چارڻ لڳو.
37پوءِ يعقوب سائي چنار ۽ بادام ۽ عرمون جون لٺيون کنيون؛ ۽ ڇلي انهن ۾ اڇا پٽا ڪڍيائين، ۽ انهن ڪاٺين ۾ جيڪا اڇاڻ هئي، سا ظاهر ڪيائين. 38۽ هو اهي ڇليل ڪاٺيون ڪسين ۽ پاڻيءَ جي حوضن وٽ، جتي ڌڻ پاڻي پيئڻ ايندو هو، اتي ڌڻ جي اڳيان کوڙي ڇڏيندو هو؛ انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ڌڻ پاڻي پيئڻ اچن، تڏهن ڍُڪجي پون. 39۽ ڌڻ انهن ڪاٺين جي اڳيان ڍُڪجي پيا، ۽ پٽاپٽي ۽ چٽڪمرا، ۽ ابلق ڦر ڏنائون. 40۽ يعقوب انهن رڍن کي ڌار ڪيو، ۽ لابن جي ڌڻن جا منهن ڦيرائي ابلق ۽ ڪارين ڏانهن ڪيائين؛ ۽ پنهنجن ڌڻن کي ڌار ڪري بيهاريائين، ۽ لابن جي مال سان نہ گڏيائين. 41۽ هيئن ٿيو تہ جنهن جنهن وقت ٿلهو مال ڍُڪبو هو، تنهن وقت يعقوب اهي ڪاٺيون مال جي اڳيان ڪسين ۾ کوڙيندو هو، تان تہ اهي ڪاٺين کي ڏسندي ڍُڪجن، 42پر جڏهن مال ڏٻرو هوندو هو، تڏهن هو اهي ڪاٺيون ڪين کوڙيندو هو. انهيءَ ڪري ڏٻرو مال لابن جو ٿيو ۽ ٿلهو مال يعقوب جو. 43اهڙيءَ طرح اهو ماڻهو وڌندو ويو، ۽ وٽس گهڻو ئي مال، ۽ ٻانهيون ۽ نوڪر، ۽ اُٺ ۽ گڏهہ ٿيا.

Currently Selected:

پيدائش 30: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in