پيدائش 21
21
1هاڻي جيئن خداوند چيو هو، تيئن سارہ تي نظر ڪيائين ۽ پنهنجي چوڻ موجب سارہ سان ڪيائين. 2۽ سارہ پيٽ سان ٿي ۽ ابرهام جي لاءِ، هن جي ٻڍاپي ۾، جيئن خدا چيو هوس، ٺهرايل وقت تي پٽ ڄائس. 3۽ ابرهام پنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو، جيڪو سندس لاءِ سارہ جي پيٽان ڄائو هو، اسحاق رکيو. 4۽ جيئن خدا ابرهام کي حڪم ڏنو هو، تيئن جڏهن سندس پٽ اسحاق اٺن ڏينهن جو ٿيو، تڏهن هن جو ختنو ڪيائين. 5جڏهن ابرهام جو پٽ اسحاق ڄائو، تڏهن ابرهام جي عمر هڪ سؤ ورهيہ هئي. 6۽ سارہ چيو تہ خدا مون کي کلايو آهي؛ جيڪو ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو. 7۽ چوڻ لڳي تہ ڪير ابرهام کي چوي ها، تہ سارہ ٻارن کي چڳڙ ڌارائيندي؟ ڇالاءِ جو هن جي ٻڍاپي ۾ مون کي سندس لاءِ پٽ ڄائو آهي.
8پوءِ اهو ٻار وڏو ٿيو، ۽ ٿڃ ڇڏايائونس: ۽ جنهن ڏينهن اسحاق جي ٿڃ ڇڏايائون، تنهن ڏينهن ابرهام هڪڙي وڏي مجلس ڪئي. 9۽ سارہ ڏٺو تہ مصر واريءَ هاجرہ کي جيڪو ابرهام مان پٽ ڄائو هو، سو چرچا پيو ڪري. 10تنهن تي ابرهام کي چيائين تہ هن ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ؛ ڇالاءِ جو هن ٻانهيءَ جو پٽ منهنجي پٽ اسحاق سان گڏ ورثي جو مالڪ نہ ٿيندو. 11پر ابرهام جي نظر ۾ پنهنجي پٽ جي بابت هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي لڳي. 12تڏهن خدا ابرهام کي چيو تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي بابت هن ڳالهہ تي ڏک نہ ڪر. جيڪا ڳالهہ سارہ توکي چوي ٿي، تنهن ۾ هن جو چوڻ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو نسل اسحاق مان سڏبو. 13هن ٻانهيءَ جي پيٽ مان بہ آءٌ هڪڙي قوم پيدا ڪندس: ڇالاءِ جو هو بہ تنهنجي نسل مان آهي. 14سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي. 15جڏهن مشڪ جو پاڻي کپي ويو، تڏهن هن انهيءَ ٻار کي هڪڙي ٻوڙي هيٺ رکي ڇڏيو. 16۽ پاڻ هن جي سامهون تير جي ڌڪ جيترو پري وڃي ويهي رهي؛ ڇالاءِ جو چيائين تہ ٻار کي مرندو نہ ڏسان. سو انهيءَ جي سامهون ويهي زاروزار روئڻ لڳي. 17۽ خدا انهيءَ ڇوڪر جو آواز ٻڌو، ۽ خدا جي فرشتي آسمان مان هاجرہ کي سڏي چيو تہ اي هاجرہ، توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، جتي ڇوڪر پيو آهي، اتان ئي خدا هن جو آواز ٻڌو آهي. 18اُٿ، ڇوڪر کي کڻي پنهنجن هٿن ۾ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ هن کي هڪڙي وڏي قوم بنائيندس. 19۽ خدا هن جون اکيون کوليون ۽ هن پاڻيءَ جو هڪڙو کوهہ ڏٺو، ۽ وڃي پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آڻي ڇوڪر کي پياريائين. 20خدا انهيءَ ڇوڪر سان هو، ۽ هو وڌي وڏو ٿيو، ۽ بيابان ۾ رهي وڏو تير انداز ٿيو. 21۽ هو فاران جي رڻ پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال آندي.
22انهيءَ وقت هيئن ٿيو جو ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، ابرهام کي چيو تہ جيڪي تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي. 23سو هاڻي، هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون، توڙي منهنجي پٽ ۽ پوٽي سان دغا نہ ڪندين: ۽ جهڙي مهرباني مون تو سان ڪئي آهي، تهڙي مون سان، ۽ جنهن ملڪ ۾ تون رهيو پيو آهين، تنهن سان ڪندو رهندين. 24تڏهن ابرهام چيو تہ آءٌ قسم کڻندس. 25۽ ابرهام ابي ملڪ کي هڪڙي پاڻيءَ جي کوهہ لاءِ ڏوراپو ڏنو، جو هن جي نوڪرن زبردستيءَ سان کسي ورتو هو. 26پر ابي ملڪ چيو تہ مون کي خبر ڪانهي تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي، تو بہ مون کي ڪونہ ٻڌايو، ۽ نڪي اڄ ڏينهن تائين مون انهيءَ بابت ڪٿان ٻڌو. 27پوءِ ابرهام رڍون ۽ ڏاند آڻي ابي ملڪ کي ڏنا، ۽ ٻنهي پاڻ ۾ عهد ڪيو. 28۽ ابرهام ست گهيٽيون ڌڻ مان ڪڍي ڌار ڪيون. 29تڏهن ابي ملڪ ابرهام کي چيو تہ هي ست گهيٽيون جي تو ڌار ڪيون آهن، تنهن جو ڪهڙو مطلب آهي؟ 30تڏهن هن چيو تہ هي ست گهيٽيون تون مون کان وٺ، تہ اهي انهيءَ ڳالهہ لاءِ منهنجون شاهد ٿين، تہ هيءُ کوهہ مون کوٽيو آهي. 31تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بيرسبع رکيو؛ ڇالاءِ جو هنن ٻنهي اُتي قسم کنيو. 32سو هنن بيرسبع وٽ پاڻ ۾ عهد ڪيو. پوءِ ابي ملڪ ۽ سندس سپهہ سالار فيڪل، موٽي فلستين جي ملڪ ۾ آيا. 33۽ ابرهام بيرسبع ۾ هڪڙو لئيءَ جو وڻ لڳايو، ۽ اتي خداوند، ابدي خدا کان دعا گهريائين. 34۽ ابرهام گهڻن ڏينهن تائين فلستين جي ملڪ ۾ رهيو.
Currently Selected:
پيدائش 21: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.