عزرا 5
5
1هاڻي حجي نبي، ۽ زڪرياہ بن عدو، جيڪي يهودي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ هئا، تن جي اڳيان نبوت ڪئي؛ اسرائيل جي خدا جي نالي تي هنن نبوت ڪئي. 2تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني. 3ساڳئي وقت ۾ تتنيءَ، جو نديءَ جي هن ڀر جو والي هو، ۽ شتربوزني، ۽ انهن جا سنگتي، هنن وٽ آيا ۽ چيائون تہ هن گهر جوڙڻ ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ جو ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي؟ 4تڏهن هنن اسان کي هن طرح چيو تہ، جيڪي ماڻهو هيءَ عمارت ٿا جوڙين، تن جا نالا ڇا آهن؟ 5پر خدا جي نظر يهودين جي بزرگن تي هئي، ۽ انهن هنن کي نہ روڪيو، جيستائين ڪ اها ڳالهہ دارا تائين نہ پهتي، ۽ انهيءَ بابت خط جي رستي جواب موٽي نہ آيو.
6انهيءَ خط جو نقل، جو نديءَ جي هن ڀر جي والي تتني، ۽ شتربوزني، ۽ سندس سنگتين ارفارسڪين، نديءَ جي هن ڀر کان دارا بادشاهہ وٽ موڪليو: 7انهن هن وٽ هڪڙو خط موڪليو، جنهن ۾ هن طرح لکيل هو؛ دارا بادشاهہ ڏانهن، سڀ خير سلامتي هجي. 8بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ اسين يهوداہ جي پرڳڻي ۾، وڏي خدا جي گهر ۾ وياسين، جو وڏن پٿرن سان جڙيل آهي، ۽ ڪاٺ ڀتين تي رکيل آهي، ۽ اهو ڪم ڪوشش سان پيو هلي، ۽ انهن جي هٿن ۾ چڱيءَ طرح وڌندو پيو وڃي. 9تڏهن اسان انهن بزرگن کان پڇا ڪئي، تہ هن گهر جوڙڻ لاءِ، ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو؟ 10اسان انهن کان سندن نالا بہ پڇيا تہ توکي اطلاع ڪريون، ۽ انهن جي مٿان جيڪي ماڻهو هئا، تن جا نالا لکون. 11۽ انهن اسان کي هن طرح ورندي ڏيئي چيو تہ اسين آسمان ۽ زمين جي خدا جا ٻانها آهيون، ۽ اُهو گهر ٿا جوڙيون جو هن کان ڪيترا ورهيہ اڳي جوڙيو ويو هو، ۽ جو اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ جوڙي پورو ڪيو هو. 12پر انهيءَ کانپوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن آسمان جي خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن انهيءَ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن هي گهر ناس ڪري ڇڏيو، ۽ ماڻهن کي بابل ۾ وٺي ويو. 13پر بابل جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ خدا جي هن گهر جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو. 14۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل واريءَ هيڪل ۾ آندا، سي بہ خورس بادشاهہ بابل جي هيڪل مان ڪڍي، هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا، جنهن جو نالو شيسبضر هو، ۽ جنهن کي هن والي ڪيو هو؛ 15۽ هن انهيءَ کي چيو تہ هي باسڻ کڻي وڃي يروشلم واري هيڪل ۾ رک، ۽ خدا جو گهر ڀلي تہ پنهنجي جاءِ تي جُڙي تيار ٿئي. 16تڏهن انهيءَ ساڳئي شيسبضر، يروشلم ۾ خدا جي گهر جو اچي بنياد وڌو: ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي جڙيو آهي ۽ اڃا پورو نہ ٿيو آهي. 17تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن بادشاهہ کي ائين مناسب نظر اچي تہ بادشاهہ جي خزاني ۾، جو بابل ۾ آهي، تنهن ۾ تلاش ڪئي وڃي، ۽ ڏسجي تہ ائين آهي يا نہ، تہ بادشاهہ خورس خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي جوڙڻ جو حڪم ڪيو هو يا نہ، ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهہ بابت جيڪا بادشاهہ جي مرضي هجي، سا اسان کي چوائي موڪلي.
Currently Selected:
عزرا 5: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.