خروج 3
3
1هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو. 2اتي هن کي هڪڙي ٻوڙي جي وچ ۾ خدا جو فرشتو باهہ ۾ ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي. 3تڏهن موسيٰ چيو تہ هاڻي آءٌ ويجهو وڃي هي وڏو نظارو ڏسان تہ ڇو هي ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي. 4۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجهو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجهان کيس سڏي چيو تہ موسيٰ، موسيٰ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 5تڏهن هن چيو تہ هتي ويجهو نہ اچ؛ پنهنجن پيرن مان جتي لاهہ، ڇالاءِ جو اهو هنڌ جتي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي. 6وري هيئن بہ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا، ابرهام جو خدا، اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇو جو هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.
7۽ خداوند چيس تہ منهنجي اُمت، جا مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت مون ڏٺي آهي، ۽ سندن مقدمن جي سختيءَ جي ڪري سندن دانهن ٻڌي اٿم؛ مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي، 8۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين، 9فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾، سو هاڻي ڏس، بني اسرائيل جي دانهن مون تائين پهتي آهي ۽ جيڪو ظلم مصري هنن سان ڪري رهيا آهن، سو بہ ڏٺو اٿم. 10تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ توکي فرعون ڏانهن موڪليان تہ تون منهنجي اُمت بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين. 11تڏهن موسيٰ، خدا کي چيو تہ آءٌ ڪير آهيان جو فرعون وٽ وڃان ۽ بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچان؟ 12تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.
13تڏهن موسيٰ خدا کي چيو تہ ڏس، جڏهن آءٌ بني اسرائيل وٽ ويندس ۽ چوندوسان تہ اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تڏهن هو مون کي چوندا تہ انهيءَ جو نالو ڇا آهي؟ پوءِ آءٌ انهن کي ڇا چوان؟ 14تڏهن خدا موسيٰ کي چيو تہ آءٌ جيڪو آهيان سو آهيان. ۽ چيائينس تہ تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ جيڪو آهي تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. 15وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي. 16هاڻي تون وڃ ۽ وڃي اسرائيل جي بزرگن کي گڏ ڪري کين چئُہ تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي ڏيکاري ڏيئي چيو آهي، تہ سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي، ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم؛ 17۽ مون چيو آهي تہ اوهان کي مصر جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي. 18۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون. 19۽ مون کي خبر آهي تہ مصر جو بادشاهہ اوهان کي وڃڻ جي موڪل ڪين ڏيندو، جيسين زبردستيءَ سان وڃڻ نہ ڏي. 20پر آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي عجيب ڪم ڪندس، تن سان انهيءَ کي ماريندس، تنهن کان پوءِ هو اوهان کي وڃڻ ڏيندو. 21۽ آءٌ هن اُمت کي مصرين جي نظر ۾ عزت ڏيندس؛ ۽ جڏهن اوهين نڪرندا، تڏهن خالي هٿين ڪين نڪرندا. 22پر اوهان جي هرڪا زال پنهنجيءَ پاڙي واريءَ کان، ۽ جيڪا سندس گهر ۾ ٽڪيل هوندي، تنهن کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گهري وٺندي، ۽ اهي اوهين پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي پهرائيندا، ۽ ائين مصرين کي لٽي ڇڏيندا.
Currently Selected:
خروج 3: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.