خروج 13
13
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا ٻار، جي پهرين پيٽ مان نڪرن، سي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر، ماڻهن جا پهريتا ٻار توڙي جانورن جا پهريتا ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.
3پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي. 4اوهين ابيب مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن ٻاهر نڪتا آهيو. 5۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج. 6ست ڏينهن تون بي خميري ماني کائج، ۽ ستين ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي. 7انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي خميري ماني کائبي، ۽ ضروري آهي تہ ڪابہ خميري ماني تو وٽ ڏسڻ ۾ نہ اچي، نڪي تنهنجين سڀني سرحدن جي اندر تو وٽ خمير ڏسڻ ۾ اچي. 8انهيءَ ڏينهن تون پنهنجي پٽ کي ٻڌائج تہ جڏهن آءٌ مصر مان نڪتس، تڏهن خداوند جيڪي مون لاءِ ڪيو، تنهن جي ڪري ائين ڪيو ٿو وڃي. 9۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. 10تنهنڪري تون انهيءَ قانون تي سال بہ سال ٺهرايل وقت تي عمل ڪندو رهج.
11۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند توکي ڪنعانين جي انهيءَ ملڪ مان آڻيندو، جنهن جو تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين، ۽ اهو ملڪ توکي ڏيندو، 12تڏهن جيڪو پهرين پيٽ مان نڪري، ۽ جانور جو بہ جيڪو پهريون ٻچو تو وٽ هجي، سو تون خداوند جي لاءِ ڌار ڪج: نر سڀ خداوند جا ٿيندا. 13پر گڏهہ جي ٻچي جي بدران هڪڙو گهيٽو يا ڇيلو عيوضي طور ڏج، ۽ جي انهيءَ جي لاءِ عيوضو نہ ڏين، تہ پوءِ انهيءَ جي ڳچي ڀڃي ڇڏج. ۽ پنهنجن پٽن مان ماڻهن جي سڀني پهريتن جي بدران عيوضو ڏج. 14۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين. 15۽ جڏهن فرعون اسان کي وڃڻ نٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا، يعني ماڻهن جا پهريتا ٻار، ۽ جانورن جا پهريان ٻچا ماري ڇڏيا: تنهنڪري جيڪي ٻچا پهرين ٿا ڄمن، تن مان نر آءٌ قربان ٿو ڪريان، پر پنهنجن پٽن جي پهريتن جي بدران عيوضو ٿو ڏيان. 16۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.
17پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن جيتوڻيڪ فلستين جو ملڪ ويجهو هو، پر تڏهن بہ خدا کين انهيءَ رستي کان وٺي نہ ويو؛ ڇالاءِ جو خدا چيو تہ متان هي ماڻهو جنگ ڏسي پشيمان ٿين، ۽ موٽي مصر ڏانهن وڃن. 18پر خدا انهن ماڻهن کي ٻئي پاسي بيابان مان، ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان وٺي آيو: ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا. 19۽ موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا؛ ڇالاءِ جو هن بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو. 20پوءِ هو سڪات کان روانا ٿيا، ۽ بيابان جي حد وٽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون. 21۽ خداوند اُنهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾ رستو ڏيکاريندو هو، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ سوجهرو ڏيندو هون، تہ اهي رات ڏينهن پنڌ ڪري سگهن؛ 22اهو ڪڪر جو ٿنڀ ڏينهن جي وقت، ۽ باهہ جو ٿنڀ رات جي وقت، ماڻهن جي اڳيان اصل ئي گم ڪونہ ٿيندو هو.
Currently Selected:
خروج 13: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.