داني ايل 5
5
1بيلشضر بادشاهہ پنهنجن هڪ هزار اميرن جي وڏي مهماني ڪئي، ۽ انهن هزارن جي اڳيان شراب پيتائين. 2بيلشضر شراب چکڻ مهل حڪم ڪيو تہ جيڪي سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍيا هئا، سي وٽس کڻي اچن؛ تہ بادشاهہ ۽ سندس امير، سندس زالون ۽ سندس سريتون انهن ۾ شراب پيئن. 3تڏهن هنن اُهي سونا ٿانوَ آندا، جي خدا جي گهر جي هيڪل مان، جو يروشلم ۾ آهي، کڻي آيا هئا؛ ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن، زالن، ۽ سريتن انهن ۾ پيتو. 4انهن شراب پي، پوءِ سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي. 5۽ اُنهي گهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ جون آڱريون نظر آيون، ۽ بادشاهہ جي محلات جي ڀت جي گچ تي، انهن شمعدان جي سامهون ڪي لکيو: ۽ بادشاهہ هٿ جو اُهو ڀاڱو ڏٺو جنهن اُهو لکيو. 6تڏهن بادشاهہ جي شڪل ڦري ويئي، ۽ سندس خيالن کيس پريشان ڪيو؛ ۽ سندس چيلهہ جا سنڌ ڍرا ٿي پيا، ۽ سندس گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳا. 7بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو. 8تڏهن بادشاهہ جا سڀ ڏاها ماڻهو اندر لنگهي آيا: پر هو اها لکت پڙهي نہ سگهيا، ۽ نہ بادشاهہ کي انهي جو مطلب سمجهائي سگهيا. 9تڏهن بادشاهہ بيلشضر کي ڏاڍو فڪر ٿيو، ۽ سندس چهرو ڦري ويو، ۽ سندس امير حيران پريشان ٿي ويا. 10هاڻي ملڪہ بادشاهہ ۽ اميرن جو چوڻ ٻڌي مجلس واري جاءِ ۾ آئي: ۽ ملڪہ چيو تہ اي بادشاهہ، شل سدائين سلامت رهين؛ تنهنجا خيال توکي پريشان نہ ڪن، ۽ نہ تنهنجي شڪل ڦري: 11تنهنجي بادشاهت ۾ هڪڙو شخص آهي جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن ۾ نور ۽ سمجهہ ۽ ڏاهپ، بلڪ الاهي ڏاهپ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر، هائو، تنهنجي پيءُ، اي بادشاهہ، هن کي جادوگرن، منڊ هڻندڙن، ڪسدين، ۽ فال وجهڻ وارن جو سردار ڪيو هو؛ 12ڇالاءِ جو هڪڙو تمام چڱو روح، ۽ علم، ۽ سمجهہ، ۽ خوابن جي تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل جملن جي معنيٰ سمجهائڻ، ۽ شڪن لاهڻ جو عقل انهي داني ايل ۾ معلوم ٿيو هو، جنهن کي بادشاهہ، بيلطشضر جو نالو ڏنو هو. هاڻي داني ايل کي گهرايو وڃي تہ هو انهي جو تعبير ڪري.
13تڏهن داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندائون. بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو تہ تون اُهو داني ايل آهين جو يهوداہ جي قيدين منجهان آهي ۽ جنهن کي منهنجي پيءُ يهوداہ مان آندو هو؟ 14مون تنهنجي نسبت ۾ ٻڌو آهي تہ الاهي روح تو ۾ آهي ۽ علم ۽ سمجهہ ۽ نهايت عمدي ڏاهپ تو ۾ موجود آهي. 15۽ هاڻي ڏاها ماڻهو، منڊ هڻندڙ آڻي مون وٽ حاضر ڪيا اٿن تہ هيءَ لکت پڙهن ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائين: پر هو انهي جو مطلب سمجهائي نہ سگهيا آهن. 16پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين. 17تڏهن داني ايل ورندي ڏيئي چيو تہ اهي پنهنجا انعام ڪنهن ٻئي کي ڏي، پر اها لکت آءٌ بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان، ۽ اُنهي جو مطلب بہ ٿو سمجهايان. 18اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي: 19۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو: 20پر جڏهن هن جي دل مغرور ٿيڻ لڳي ۽ هن جو روح سخت ٿيڻ لڳو، ۽ انهي ڪري هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو. تڏهن هو پنهنجي بادشاهي تخت تان لاٿو ويو، ۽ سندس عزت کانئس کسي ورتائون. 21۽ هو بني آدم مان هڪاليو ويو، ۽ هن جي دل جانورن جهڙي ڪئي ويئي، ۽ هن جو رهڻ گورخرن سان ٿيو؛ ۽ هن کي ڏاندن وانگي گاهہ ٿي کارايائون، ۽ هن جو بدن ماڪ سان پُسيل ٿي رهيو: جيستائين ڪ هن سمجهيو تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو. 22پر اي بيلشضر، تو سندس پٽ، پنهنجي دل کي نماڻو نہ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهي سڄي احوال جي توکي خبر هئي؛ 23پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي: 24تڏهن سندس حضوريءَ مان هٿ جو ڀاڱو موڪليو ويو ۽ هيءَ لکت لکي ويئي. 25۽ جيڪو لکيو ويو آهي سو هي آهي: مني؛ مني، تقيل، فرسين. 26انهي جي معنيٰ هيءَ آهي: مني؛ يعني خدا تنهنجي بادشاهت ڳڻي ڇڏي آهي ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس. 27تقيل؛ يعني تون ساهميءَ ۾ توريو ويو آهين، ۽ وزن ۾ گهٽ نڪتو آهين. 28فرسين؛ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي، ۽ ميدين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي. 29تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي. 30انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو. 31۽ داراميديءَ کي بادشاهي ملي، جو اٽڪل ٻاهٺ ورهين جي عمر جو هو.
Currently Selected:
داني ايل 5: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.