YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 21

21
1نيٺ جڏهن کانئن ڌار ٿياسين، ۽ جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، تڏهن سنئون رستو وٺي قوس ۾ آياسين، ۽ ٻئي ڏينهن روڊس ۾ پهتاسين، ۽ اُتان وري پطرا ۾ آياسين. 2۽ هڪڙو جهاز جو فينيڪيءَ ڏانهن سڌو وڃڻو هو سو مليوسين، تنهن تي چڙهي روانا ٿياسين. 3۽ جڏهن ڪپرس ڏسڻ ۾ آيو، تڏهن اُنهي کي کٻي پاسي ڇڏي اسين شام ڏانهن هلياسين، ۽ صور ۾ وڃي لٿاسين: جو اُتي جهاز کي پنهنجو مال لاهڻو هو. 4اُتي جڏهن شاگردن کي ڳولي لڌوسين، تڏهن ست ڏينهن اُتي ٽڪي پياسين، ۽ هنن روح جي هدايت سان پولس کي چيو تہ يروشلم ۾ نہ وڃ. 5۽ جڏهن هيئن ٿيو جو اُهي ڏينهن ڀرجي آيا، تڏهن اُتان روانا ٿياسين، ۽ هو سڀيئي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سميت اسان سان گڏ هليا آيا، جيستائين ڪ شهر کان نڪري ٻاهر ٿياسين: پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي گوڏا کوڙي دعا گهُريسون. 6پوءِ هڪ ٻئي کان موڪلائي، اسين جهاز تي چڙهياسين، ۽ هو موٽي گهر هليا ويا.
7۽ اسين صور کان جهاز جو سفر پورو ڪري پطليمس ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ ڀائرن سان خوش خير عافيت ڪئي سين، ۽ هڪڙو ڏينهن وٽن رهياسين. 8ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين. 9هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي چار ڪنواريون ڌيئرون هيون، جي نبوت ڪنديون هيون. 10۽ جڏهن اسين اُتي گهڻا ڏينهن ٽڪي پياسين، تڏهن يهوديہ مان اگبس نالي هڪڙو نبي اچي نڪتو، 11۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا. 12جڏهن اسان اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن اسان، توڙي اتي جي رهاڪن پولس کي منٿ ڪئي تہ يروشلم ڏانهن نہ وڃ. 13تنهن تي هن ورندي ڏني، تہ اوهين هي ڇا ٿا ڪريو، جو روئي رڙي منهنجي دل ٿا ڀڃو! ڇالاءِ جو آئون تہ خداوند يسوع جي نالي تي يروشلم ۾ نہ رڳو ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهيان، پر مرڻ لاءِ بہ. 14۽ جڏهن هن نہ مڃيو، تڏهن اسان هيترو چئي کڻي بس ڪئي، تہ جيڪا خداوند جي مرضي هجي، سا پوري ٿئي.
15انهن ڏينهن کانپوءِ اسين پنهنجو سامان سڙو کڻي يروشلم ڏانهن وياسين. 16۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو.
17۽ جڏهن اسين يروشلم ۾ پهتاسين، تڏهن ڀائرن خوشيءَ سان اسان جو استقبال ڪيو. 18۽ ٻئي ڏينهن پولس اسان سان گڏجي يعقوب وٽ هليو ۽ سڀ بزرگ بہ اُتي ويٺا هئا. 19۽ جڏهن هو اُنهن کي سلام ڪري رهيو، تڏهن جيڪي خدا سندس خدمت جي وسيلي غير قومن ۾ ڪيو هو، سو ترتيب وار ٻُڌايائين. 20۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن: 21۽ تنهنجي نالي ٻُڌو اٿن تہ غير قومن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي تون سيکارين ٿو تہ موسيٰ کي ڇڏي ڏين، ۽ چئين ٿو تہ نڪي پنهنجن ٻارن جو ختنو ڪرايو، نڪي رسمن تي هلو. 22تڏهن هاڻي ڇا ڪجي؟ هنن کي ضرور خبر پوندي تہ تون آيو آهين. 23تنهنڪري جيئن اسين توکي چئون ٿا تيئن ڪر: اسان وٽ چار ماڻهو آهن، جن منت مڃي آهي؛ 24اُنهن کي وٺي وڃ، ۽ پاڻ کي وڃي هنن سان گڏ پاڪ ڪر، ۽ هنن جو اُجورو ڏي تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. پوءِ سڀني کي سُڌ پوندي تہ جيڪي ڳالهيون تنهنجي نسبت ٻُڌيون اٿن، سي سچيون ناهن؛ بلڪ تون پاڻ بہ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ پوريءَ طرح هلين ٿو. 25پر غير قومن منجهان جن ايمان آندو آهي، تن جي نسبت ۾ اسان فيصلو ڪري لکيو هو، تہ هنن کي گهُرجي تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيل آهن تن کان، ۽ رت کان، ۽ جن جانورن کي گهُٽي ماريو اٿن تن کان، ۽ زنا کان پاسو ڪن. 26تنهن تي پولس اُنهن ماڻهن کي وٺي، ٻئي ڏينهن پاڻ کي هنن سان گڏ پاڪ ڪري هيڪل ۾ ويو، ۽ خبر ڏنائين تہ جڏهن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيندا، تڏهن اُنهن مان هڪڙي هڪڙي جي لاءِ قرباني چاڙهي ويندي.
27۽ جڏهن اُهي ست ڏينهن پوري ٿيڻ تي آيا، تڏهن آسيہ جي يهودين هن کي هيڪل ۾ ڏسي سڀني ماڻهن کي چوريو ۽ وڃي پڪڙيائونس، 28۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ اي اسرائيل جا رهاڪو، مدد ڪريو: هيءُ اُهو ماڻهو آهي جو جتي ڪٿي سڀني ماڻهن کي اُمت، ۽ شريعت، ۽ هن مڪان جي برخلاف سيکاريندو وتي. تنهن کانسواءِ هي يونانين کي بہ هيڪل ۾ وٺي آيو آهي ۽ هن پاڪ مڪان کي پليت ڪيو اٿس. 29ڇالاءِ جو هنن افسس واري تروفمس کي ساڻس گڏ شهر ۾ ڏٺو هو، ۽ ڀانيائون تہ پولس انهي کي هيڪل ۾ وٺي آيو آهي. 30تڏهن ساري شهر ۾ گوڙ مچي ويو، ۽ ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيا، ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي آيا: ۽ هڪدم در بند ٿي ويا. 31۽ هو کيس ماري وجهڻ جي سعيي ۾ هئا، تہ پلٽڻ جي سردار کي خبر وڃي پهتي تہ ساري يروشلم ۾ وڳوڙ پئجي ويو آهي. 32سو هڪدم سپاهي ۽ صوبيدار وٺي ڊوڙندو وٽن آيو، ۽ جڏهن هنن پلٽڻ جي سردار ۽ سپاهين کي ڏٺو، تڏهن پولس کي مارڻ کان بس ڪيائون. 33پوءِ پلٽڻ جي سردار ويجهو اچي هن کي گرفتار ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ ٻن زنجيرن سان ٻَڌوس؛ ۽ پڇا ڪرڻ لڳو تہ هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟ 34۽ گوڙ مان واڪا ڪري ڪن هڪڙي ڳالهہ پئي ڪئي، ۽ ڪن ٻي ڳالهہ، ۽ ايترو هُل هو جو خبر ڪانہ ٿي پيئي تہ حقيقت ڇا آهي. تڏهن حڪم ڏنائين تہ هن کي قلعي ۾ وٺي اچو. 35جڏهن پولس ڏاڪڻ وٽ آيو، تڏهن هيئن ٿيو جو ايترا ماڻهو ڪاهي اچي مٿانئس پيا جو سپاهين کي کيس کڻڻو پيو؛ 36ڇالاءِ جو ماڻهن جو گوڙ پٺيان واڪا ڪندي پئي آيو، تہ ”ماري وجهوس.“
37جڏهن پولس کي قلعي منجهہ وٺي وڃڻ تي هئا، تڏهن هن پلٽڻ جي سردار کي چيو تہ مون کي موڪل آهي تہ توکي ڪجهہ چوان؟ تنهن تي هن چيس تہ توکي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟ 38تون اُهو مصري نہ آهين ڇا، جو ڪي ڏينهن ٿيا تہ فساد مچائي چار هزار خوني وٺي جهنگ ۾ ويو هئين؟ 39پر پولس چيو تہ آئون يهودي آهيان، ترسس جو ويٺل آهيان جو ڪليڪيہ جو هڪڙو مشهور شهر آهي؛ منهنجو عرض آهي تہ مون کي ماڻهن سان ڳالهائڻ جي موڪل ڏي. 40جڏهن هن موڪل ڏنس، تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي ماڻهن کي هٿ سان اشارو ڏنو؛ ۽ جڏهن ڏاڍي ماٺ ٿي ويئي، تڏهن عبراني ٻوليءَ ۾ هنن کي هيئن چوڻ لڳو تہ،

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in