YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 16

16
1۽ هو دربي ۽ لسترہ ۾ بہ آيو: ۽ ڏسو، هڪڙو شاگرد تيمٿيس نالي اُتي هو. هو هڪڙيءَ يهودڻ جنهن ايمان آندو هو، تنهن جو پٽ هو، پر سندس پيءُ يوناني هو، 2۽ لسترہ ۽ اڪونيم جي ڀائرن ۾ معتبر ليکجڻ ۾ ايندو هو. 3پولس جي مرضي هئي تہ اُهو ساڻس هلي؛ پر جيڪي يهودي اُتي هئا، تن جي ڪري هن جو ختنو ڪيائين، ڇالاءِ جو اُنهن سڀني کي خبر هئي تہ هن جو پيءُ يوناني هو. 4۽ جيئن هو شهرن مان لنگهندا ويا، تيئن جيڪي حڪم رسولن ۽ بزرگن يروشلم ۾ جاري ڪيا هئا، سي کين مڃڻ لاءِ ڏيندا ويا. 5سو ڪليسيائون روز بروز ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ۽ تعداد ۾ وڌنديون ويون.
6۽ هو فروگيہ ۽ گلتيہ جي ملڪن مان لنگهي ويا، جو پاڪ روح هنن کي آسيا ۾ ڪلام ٻُڌائڻ کان منع ڪئي هئي؛ 7۽ جڏهن موسيہ جي سامهون آيا، تڏهن ڪوشش ڪيائون تہ بتونيہ ۾ وڃون؛ پر يسوع جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو؛ 8تڏهن اُهي موسيہ وٽان لنگهي تروآس ۾ آيا. 9۽ پولس کي رات جو هڪڙي رويا ڏسڻ ۾ آئي؛ تہ مڪدونيہ جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري ٿو چويس، تہ مڪدونيہ ۾ اچي اسان جي مدد ڪر. 10هن جي انهي رويا ڏسندي شرط اسان هڪدم مڪدونيہ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪيو؛ جو سمجهيوسين تہ خدا هنن کي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ اسان کي ڪوٺيو آهي.
11تنهنڪري تروآس مان جهاز تي چڙهي روانا ٿي، اسين سڌا سموتراڪيءَ ڏانهن آياسين، ۽ ٻئي ڏينهن نياپلس ۾ آياسين؛ 12اُتان وري فلپيءَ ۾ پهتاسين، جو مڪدونيہ جو هڪڙو شهر، ۽ اُنهي پرڳڻي جو مکيہ شهر آهي، ۽ رومي ماڻهن جي بيٺڪ آهي: ۽ انهي شهر ۾ اسين ڪي ڏينهن ٽڪي پياسين. 13۽ سبت جي ڏينهن شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان ڀانئيو تہ دعا گهُرڻ جي ڪا جاءِ هوندي؛ ۽ اُتي ويهي جيڪي زالون اچي گڏ ٿيون هيون، تن سان گفتگو ڪرڻ لڳاسين. 14۽ ٿواتيرہ شهر جي لديہ نالي هڪڙي خدا پرست زال، جا واڱڻائي رنگ جو مال وڪڻندي هئي، تنهن بہ اسان جي ڳالهہ پئي ٻُڌي: انهيءَ جي دل خدا کولي، تہ جيڪي ڳالهيون پولس پئي ڪيون، سي ڌيان ڏيئي ٻُڌي. 15۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.
16۽ هيئن ٿيو تہ جيئن اسين اُنهيءَ دعا گهُرڻ واري جاءِ ڏانهن پئي وياسين، تيئن اسان کي هڪڙي ٻانهي گَڏِي، جنهن ۾ غيب دان ڀوت هوندو هو، سا اڳڪٿيون ڪري پنهنجي ڌڻين کي گهڻو ئي ڪمائي ڏيندي هئي. 17۽ اُها پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا بندا آهن، جي اوهان کي نجات جي واٽ ٿا ڏيکارين. 18۽ گهڻن ڏينهن تائين هن ائين پي ڪيو، سو پولس کي ڏاڍو رنج ٿيو، تنهن ڦري اُنهي ڀوت کي چيو، تہ آئون توکي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ. ۽ اوڏيءَ مهل ئي اُهو نڪري ويو.
19پر جڏهن هن جي ڌڻين ڏٺو تہ اسان جي ڪمائيءَ جي اُميد هلي ويئي، تڏهن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي چونڪ ۾ حاڪمن وٽ گهلي وٺي آيا؛ 20۽ کين عملدارن وٽ آڻي چوڻ لڳا، تہ هي ماڻهو جي يهودي آهن، تن اسان جي شهر ۾ گوڙ کڻي مچايو آهي، 21۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن، جي اسان رومين کي قبول ڪرڻ، ۽ اُنهن تي هلڻ روا ناهن. 22سو خلق بہ گڏجي مٿن ڪاهي آئي؛ ۽ عملدارن سندن ڪپڙا ڦاڙي لاهي حڪم ڏنو، تہ ڦٽڪا هڻون. 23۽ جڏهن گهڻا ڦٽڪا هڻائي چُڪن، تڏهن کڻي قيدخاني ۾ وڌائون، ۽ داروغي کي تاڪيد ڪيائون تہ کين قابو رکي. 24تنهن هي حڪم ملڻ ڪري اُنهن کي اندرئين قيدخاني ۾ کڻي وڌو، ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ قابو ڪري ڇڏيائين. 25پر آڌيءَ رات ڌاري پولس ۽ سيلاس دعا پئي گهُري، ۽ خدا جي تعريف جا گيت پي ڳايائون، جي قيدين پئي ٻُڌا؛ 26تہ اوچتو ئي اوچتو اهڙو زلزلو اچي ٿيو، جو قيدخاني جي عمارت جي پيڙهہ ئي لُڏي ويئي، ۽ انهي دم سڀ دروازا پَٽجي پيا، ۽ سڀني جون ٻيڙيون کُلي پيون. 27تنهن تي داروغو ننڊ مان جاڳي پيو، ۽ ڏٺائين تہ قيدخاني جا در کُليا پيا آهن، ۽ ڀانيائين تہ قيدي ڀڄي ويا آهن، تنهنڪري پنهنجي ترار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو؛ 28پر پولس وڏي سڏ پڪاري چيس، تہ پاڻ کي ايذاءُ نہ پهچاءِ، ڇالاءِ جو اسين سڀ هتي موجود آهيون. 29تڏهن هن ڏيئا گهرايا ۽ اندر ٽپي ويو، ۽ ڊپ جي ڪري ڏڪندو ڏڪندو پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي وڃي ڪِريو. 30پوءِ کين ٻاهر وٺي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ سائين، آئون ڇا ڪريان تہ نجات مليم؟ 31هنن چيس تہ خداوند يسوع تي ايمان آڻ تہ توکي، ۽ تنهنجي گهراڻي کي نجات ملندي. 32پوءِ انهن هن کي ۽ سندس سڀني گهر وارن کي خداوند جو ڪلام ٻُڌايو. 33۽ هن رات جي اُنهي وقت کين وٺي وڃي سندن ڦٽ ڌوتا، ۽ اوڏيءَ مهل ئي هن ۽ سندس سڀني ڀاتين بپتسما ورتي. 34۽ هنن کي پنهنجي گهر آڻي سندن اڳيان ماني رکيائين، ۽ پاڻ ۽ سندس سارو گهراڻو، جن خدا تي ايمان آندو هو، سي ڏاڍو خوش ٿيا.
35پر جڏهن صبح ٿيو، تڏهن عملدارن، حوالدارن جي هٿان چوائي موڪليو تہ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو. 36۽ داروغي اها ڳالهہ پولس کي ٻُڌائي، ۽ چيائينس تہ عملدارن حڪم ڏنو آهي تہ اوهان کي ڇڏي ڏجي: سو هاڻي نڪري اچو ۽ خير سلامتيءَ سان هليا وڃو. 37پر پولس هنن کي چيو تہ اسين جي رومي آهيون، تن کي بنا قصور ثابت ڪئي عام خلق جي اڳيان مار ڏيئي قيدخاني ۾ کڻي وڌو اٿن، سو هاڻ اسان کي ماٺ ميٺ ۾ ڪڍي ڇڏيندا ڇا؟ ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ اچي اسان کي ڪڍن. 38تنهن تي حوالدارن اهي ڳالهيون وڃي عملدارن کي ٻُڌايون: تن جڏهن ٻُڌو تہ هي رومي آهن، تڏهن ڊپ ٿين؛ 39پوءِ هنن اچي کين آزي نيزاري ڪئي؛ ۽ جڏهن ٻاهر وٺي آين، تڏهن چيائون تہ شهر مان نڪري هليا وڃو. 40۽ هو قيدخاني مان نڪري لديہ جي گهر آيا: ۽ ڀائرن سان گڏجي کين تسلي ڏيئي پوءِ روانا ٿيا.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in