YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 14

14
1هاڻي ضروياہ جي پٽ يوآب سهي ڪيو تہ بادشاهہ جي دل ابي سلوم ڏي مائل آهي. 2۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي: 3۽ بادشاهہ وٽ وڃي کيس هن طرح چئُہ. پوءِ يوآب هن کي اُهي ڳالهيون سيکاريون. 4۽ جڏهن انهيءَ تقوع واري زال بادشاهہ سان وڃي ڳالهايو، تڏهن هوءَ سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري پئي، ۽ تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ اي بادشاهہ، واهر ڪر. 5۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ توکي ڇا ٿيو آهي؟ تڏهن هن ورندي ڏئي چيو تہ حقيقت ڪري آءٌ هڪڙي رن زال آهيان، ۽ منهنجو مڙس مري ويو آهي. 6۽ تنهنجي ٻانهيءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ اهي ٻئي جهنگ ۾ وڙهي پيا، ۽ ٻيو ڪو ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو، ۽ هڪڙي ٻئي کي ڌڪ هڻي ماري وڌو. 7۽ ڏس، سارو گهراڻو تنهنجي ٻانهيءَ سان وڙهڻ لاءِ سنبري آيو آهي، ۽ سڀ چوڻ لڳا تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي، تنهن جي ٻانهن ڪڍي ڏي، تہ جنهن پنهنجي ڀاءُ جو هن خون ڪيو آهي تنهن جي عيوض ۾ اسين انهيءَ کي ماريون؛ ۽ انهيءَ طرح وارث بہ ماري چٽ ڪري ڇڏيون: پوءِ جيڪو منهنجو ٽانڊو بچيو آهي سو بہ اُجهائي ڇڏيندا، ۽ زمين تان منهنجي مڙس جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندا. 8۽ بادشاهہ انهيءَ زال کي چيو تہ تون پنهنجي گهر وڃ، ۽ آءٌ تنهنجي بابت حڪم ڏيندس. 9تڏهن تقوع جي زال بادشاهہ کي چيو تہ اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، اهو ڏوهہ ڀلي منهنجي مٿان ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي تي پوي: ۽ بادشاهہ ۽ سندس تخت بي قصور رهي. 10۽ بادشاهہ چيو تہ جيڪو بہ ماڻهو توکي ڪجهہ چوي تہ انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچج، ۽ اُهو وري توکي هٿ نہ لائيندو. 11تڏهن زال چيو تہ آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ بادشاهہ خداوند پنهنجي خدا کي ياد ڪري تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو وري ڪنهن کي نہ ماري، متان منهنجي پٽ کي ناس ڪري ڇڏين. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو. 12تڏهن اُن زال چيو تہ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ موڪل ڏئي تہ تنهنجي ٻانهي هڪڙو عرض ڪري. ۽ هن چيو تہ ڀلي ڪر. 13تڏهن انهيءَ زال چيو تہ ڪهڙي سبب تو خدا جي اُمت جي برخلاف اها رٿ ڪئي آهي؟ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ ڪرڻ ڪري بادشاهہ انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي جو ڏوهاري هجي، هن ڪري جو جنهن کي بادشاهہ شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي تنهن کي وري گهر گهرائي نٿو وٺي. 14ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي. 15تنهنڪري هاڻي جو آءٌ پنهنجي ڌڻي بادشاهہ کي هيءَ ڳالهہ چوڻ آئي آهيان، سو انهيءَ ڪري تہ ماڻهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: ۽ تنهنجي ٻانهيءَ چيو تہ هاڻي آءٌ پنهنجي بادشاهہ کي اها ڳالهہ ٻڌائينديس؛ امڪان آهي تہ بادشاهہ پنهنجي ٻانهيءَ جو عرض قبول ڪري. 16ڇالاءِ جو بادشاهہ اها ڳالهہ ٻڌي پنهنجي ٻانهيءَ کي انهيءَ ماڻهو جي هٿان ڇڏائيندو، جو مون کي، ۽ منهنجي پٽ کي گڏ ناس ڪرڻ، ۽ خدا جي ورثي کان خارج ڪرڻ ٿو گهري. 17تڏهن تنهنجي ٻانهيءَ چيو تہ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ ڀلي منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي ڳالهہ تسلي جهڙي هجي: ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي سڃاڻڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي. 18تڏهن بادشاهہ ورندي ڏيئي انهيءَ زال کي چيو تہ جيڪا ڳالهہ آءٌ توکان پڇان سا مون کان ڀلائي ڪري نہ لڪاءِ. ۽ انهيءَ زال چيو تہ هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ فرمائي. 19تڏهن بادشاهہ چيو تہ انهيءَ ساري ڳالهہ ۾ يوآب جو هٿ توسان آهي ڇا؟ ۽ اُنهي زال ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجي جان جو قسم آهي تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، جيڪي منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ فرمايو آهي تنهن کان ڪوبہ ماڻهو نہ سڄي هٿ پاسي ڦري ٿو سگهي نہ کٻي هٿ پاسي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي يوآب مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ انهي اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي ٻانهيءَ جي وات ۾ وڌيون: 20تنهنجي ٻانهي يوآب ڳالهہ جي رخ مٽائڻ لاءِ ائين ڪيو آهي: ۽ منهنجو ڌڻي خدا جي فرشتي جهڙو عقلمند آهي، جو زمين تي جيڪي ڳالهيون ٿين ٿيون سي سڀ ڄاڻي ٿو. 21۽ بادشاهہ يوآب کي چيو تہ هاڻي ڏس، مون ائين ڪيو آهي: تنهنڪري وڃي انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي موٽائي وٺي اچ. 22۽ يوآب منهن ڀر زمين تي ڪري پيو، ۽ تعظيم ڪيائين، ۽ بادشاهہ کي دعا ڪيائين: ۽ يوآب چيو تہ اڄ تنهنجي ٻانهي کي خبر پئي آهي تہ اي ڌڻي، اي بادشاهہ، مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي، جو بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جو عرض قبول ڪيو آهي. 23پوءِ يوآب اُٿيو ۽ جسور ڏي ويو، ۽ ابي سلوم کي يروشلم ۾ وٺي آيو. 24۽ بادشاهہ چيو تہ هو ڀلي پنهنجي گهر وڃي، پر منهنجو منهن نہ ڏسي. تنهنڪري ابي سلوم پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺائين.
25هاڻي سڄي اسرائيل ۾ ابي سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي ڪري تعريف جوڳو ڪونہ هو: پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو. 26۽ جڏهن هو پنهنجي مٿي جا وار ڪوڙائيندو هو (هاڻي سڀ ڪنهن سال جي پڇاڙيءَ ۾ هو مٿو ڪوڙائيندو هو: ڇالاءِ جو هن جا وار گهاٽا ۽ ڳرا هوندا هئا، تنهنڪري هو اهي ڪوڙائيندو هو:) ۽ هو پنهنجي مٿي جا وار توريندو هو تہ ٻہ سؤ شيڪل، بادشاهي وزن موجب، ٿيندا هئا. 27۽ ابي سلوم کي ٽي پٽ ۽ هڪڙي ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو تمر هو: ۽ هوءَ خوبصورت زال هئي.
28۽ ابي سلوم ٻہ ڀريا ورهيہ يروشلم ۾ رهيو؛ ۽ هن بادشاهہ جو منهن نہ ڏٺو. 29پوءِ ابي سلوم يوآب کي گهرايو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ کي بادشاهہ ڏي موڪلي؛ پر هن وٽس اچڻ نہ گهريو: ۽ هن ٻيو ڀيرو بہ وري هن کي گهرايو، تہ بہ هن اچڻ نہ گهريو. 30تنهنڪري هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ ڏسو، يوآب جي ٻني منهنجي ٻنيءَ جي ويجهو آهي، ۽ اتي هن جا جَوَ آهن؛ اوهين وڃي انهن کي باهہ ڏيو. ۽ ابي سلوم جي نوڪرن وڃي انهيءَ ٻنيءَ کي باهہ ڏني. 31تڏهن يوآب اُٿيو، ۽ ابي سلوم وٽ سندس گهر آيو، ۽ چيائينس تہ ڇو تنهنجن نوڪرن منهنجي ٻنيءَ کي باهہ ڏني آهي؟ 32۽ ابي سلوم يوآب کي ورندي ڏئي چيو تہ ڏس مون تو ڏي چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ تہ آءٌ توکي بادشاهہ ڏي موڪليان، ۽ چوائي موڪليان تہ آءٌ جسور کان ڇو آيو آهيان؟ اڃا تائين اُتي هجان ها تہ چڱو هو: تنهنڪري هاڻي مون کي بادشاهہ جو منهن ڏسڻ ڏي؛ ۽ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري. 33تڏهن يوآب بادشاهہ وٽ ويو ۽ انهي کي ائين چيائين: ۽ جڏهن هن ابي سلوم کي گهرايو تڏهن هو بادشاهہ وٽ آيو، ۽ بادشاهہ جي اڳيان زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: ۽ بادشاهہ ابي سلوم کي چُميو.

Currently Selected:

2 - سموئيل 14: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in