YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 2:11-3

2 - سموئيل 2:11-3 SB62

۽ شام جي وقت هيئن ٿيو تہ دائود پنهنجي هنڌ تان اُٿيو، ۽ بادشاهي محلات جي ڇت تي ٽهلڻ لڳو: ۽ ڇت تان هڪڙي زال کي وهنجندي ڏٺائين؛ ۽ اها زال ڏاڍي خوبصورت هئي. ۽ دائود ماڻهو موڪلي انهيءَ زال جو حال احوال پڇايو. ۽ هڪڙي ماڻهوءَ چيو تہ اها العام جي ڌيءَ، ۽ اورياہ حتيءَ جي زال بت سبع ناهي ڇا؟