۽ سائول پنهنجي پٽ يونتن، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ دائود کي ماري وجهو. پر سائول جي پٽ يونتن کي دائود گهڻو وڻندو هو. ۽ يونتن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ منهنجو پيءُ توکي مارائڻ ٿو گهري: تنهنڪري هاڻي آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ صبح جو پنهنجي سنڀال رکج، ۽ ڪنهن ڳجهيءَ جاءِ ۾ وڃي رهج ۽ پاڻ کي لڪائج