۽ زالن وڄائيندي هڪ ٻئي کي ڳائي پئي چيو، تہ سائول پنهنجن هزارن کي قتل ڪيو آهي، ۽ دائود پنهنجن لکن کي. تڏهن سائول ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ انهي گفتي ڪري هو رنج ٿيو؛ ۽ هن چيو تہ دائود جي نسبت ۾ هو لک ٿيون چون، ۽ منهنجي نسبت ۾ فقط هزار ٿيون چون: ۽ هاڻي هن کي بادشاهيءَ کان سواءِ باقي ٻيو ڇا گهرجي؟