1
يوحنا 34:13-35
Sindhi Bible FB
آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. جيڪڏهن اوهين هڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو.“
Uporedi
Istraži يوحنا 13:34-35
2
يوحنا 14:13-15
هاڻي جڏهن مون استاد ۽ خداوند هوندي بہ اوهان جا پير ڌوتا آهن، تڏهن اوهان کي بہ گھرجي تہ هڪٻئي جا پير ڌوئيندا ڪريو. مون اوهان کي اهو نمونو ڏنو آهي، تہ جيئن اوهين بہ ائين ئي ڪندا رهو جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي.
Istraži يوحنا 13:14-15
3
يوحنا 7:13
عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون هاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رهيو آهيان، پر پوءِ تو کي خبر پوندي.“
Istraži يوحنا 13:7
4
يوحنا 16:13
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ هوندو آهي، ساڳيءَ طرح نياپو پهچائيندڙ پنهنجي حاڪم کان وڏو نہ هوندو آهي.
Istraži يوحنا 13:16
5
يوحنا 17:13
هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“
Istraži يوحنا 13:17
6
يوحنا 4:13-5
اهو سڀ ڄاڻيندي عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجو جبو لاهي ٽوال چيلهہ سان ٻڌائين. پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالهہ ۾ وجھي پنهنجي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلهہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو.
Istraži يوحنا 13:4-5
Početna
Biblija
Planovi
Video zapisi