1
پيدائش 14:18
Muslim Sindhi Bible
مون خداوند جي لاءِ ڪا ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ جيئن مون چيو تيئن آءٌ وري مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“
Yenzanisa
Ongorora {{vhesi}}
2
پيدائش 12:18
سو سارہ دل ۾ کلي چيو تہ ”هاڻي تہ آءٌ ٻڍي ٿي ويئي آهيان ۽ منهنجو مڙس بہ ٻڍو آهي. ڇا مون کي تہ بہ اها خوشي حاصل ٿي سگھي ٿي؟“
3
پيدائش 17:18-18
خداوند ابراهيم بابت چيو تہ ”جيئن تہ ابراهيم جو اولاد هڪ وڏي ۽ طاقتور قوم ٿيندو ۽ دنيا جي سڀني قومن کي انهن جي وسيلي برڪت ملندي، تہ پوءِ آءٌ جيڪي ڪجھہ سدوم سان ڪرڻ وارو آهيان ڇا اهو انهيءَ کان لڪايان؟
4
پيدائش 23:18-24
ابراهيم خداوند جي ويجھو آيو ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون واقعي سچارن کي بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين؟ جيڪڏهن انهيءَ شهر ۾ پنجاهہ سچار ماڻهو هجن تہ پوءِ بہ تون سڄو شهر برباد ڪندين؟ ڇا انهن پنجاهہ سچارن جي ڪري تون انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندين؟
5
پيدائش 26:18
خداوند جواب ڏنس تہ ”جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ سچار ملندا تہ انهن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس.“
YouVersion inoshandisa macookies kugadzirisa mashandisiro ako. Nekushandisa webhusaiti yedu, unobvuma kushandisa kwedu macookies sekutsanangurwa kwazvakaitwa mu Mutemo wedu weZvakavanzika
Pekutangira
Bhaibheri
Zvirongwa
Mavideo