1
متي 37:9-38
Hindu Sindhi Bible
تنهنڪري هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي وينتي ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.“
Yenzanisa
Ongorora {{vhesi}}
2
متي 13:9
سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پوِتر شاستر جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“
3
متي 36:9
ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي يسوع جي دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بيسهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن.
4
متي 12:9
يسوع هي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”حڪيم جي گھرج چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي هوندي آهي.
5
متي 35:9
پوءِ يسوع آسپاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو رهيو.
Pekutangira
Bhaibheri
Zvirongwa
Mavideo