1
لوقا 10:16
Hindu Sindi Bible NT
HSB
جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رهندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بيايمان آهي سو گھڻي ۾ بہ بيايمان ٿيندو.
Yenzanisa
Ongorora {{vhesi}}
2
لوقا 13:16
ڪوبہ غلام هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان پريم تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين ايشور ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.“
3
لوقا 11:16-12
سو جيڪڏهن اوهين هن سنساري دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟ جيڪڏهن اوهين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان جي ملڪيت اوهان جي حوالي ڪندو؟
4
لوقا 31:16
ابرهام چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين سنتن جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيوت ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“
5
لوقا 18:16
ڏسو، نيم موجب جيڪو بہ پنهنجي پتنيءَ کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو پتيءَ جي طلاق ڏنل ناريءَ سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“
Pekutangira
Bhaibheri
Zvirongwa
Mavideo