1
يوحنا 24:5
Hindu Sindhi Bible
آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي وشواس رکي ٿو، تنهن جو جيون امر آهي ۽ هو پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
Yenzanisa
Ongorora {{vhesi}}
2
يوحنا 6:5
جڏهن يسوع کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ هو گھڻي وقت کان وٺي اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ ”ڇا تنهنجي مرضي آهي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“
3
يوحنا 39:5-40
اوهين پوِتر شاستر انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي امر جيون ملندو، جڏهن تہ اهو پوِتر شاستر بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو. تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ امر جيون مليوَ.
4
يوحنا 8:5-9
يسوع چيس تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“ تڏهن هڪدم اهو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. اهو سبت جو ڏينهن هو.
5
يوحنا 19:5
تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري.
Pekutangira
Bhaibheri
Zvirongwa
Mavideo