1
لوقا 38:6
Common Language New Testament
ٻين کي ڏيندا رھو تہ توھان کي بہ ملندو ۽ توھان کي واپسيءَ ۾ چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وھندڙ ڪري جھول ۾ ملندو، ڇوتہ جنھن ماپي سان توھين ڏيندا آھيو، تنھن ماپي سان ئي توھان کي ماپجي ملندو.“
Bandingkan
Selidiki لوقا 6:38
2
لوقا 45:6
نيڪ ماڻھو پنھنجي دل جي چڱي خزاني مان جيڪو چڱو آھي سو ئي ڪڍي ٿو ۽ بڇڙو ماڻھو پنھنجي دل جي بڇڙي خزاني مان جيڪي بڇڙو آھي سو ئي ڪڍي ٿو. ڇاڪاڻتہ ’دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.‘“
Selidiki لوقا 6:45
3
لوقا 35:6
پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِجو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي.
Selidiki لوقا 6:35
4
لوقا 36:6
مھربان ٿيو، جيئن توھان جو پيءُ مھربان آھي.“
Selidiki لوقا 6:36
5
لوقا 37:6
”ٻين کي ڏوھي نہ ٺھرايو تہ اوھان کي بہ ڏوھي نہ ٺھرايو وڃي. ٻين کي نہ ننديو تہ اوھان کي بہ نہ ننديو وڃي. ٻين کي معاف ڪريو تہ اوھان کي بہ معاف ڪيو وڃي.
Selidiki لوقا 6:37
6
لوقا 27:6-28
”پر اي منھنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ توھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوھان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بيعزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو.
Selidiki لوقا 6:27-28
7
لوقا 31:6
جھڙو سلوڪ اوھين ماڻھن کان چاھيو ٿا تھڙو ئي سلوڪ اوھين ٻين سان ڪريو.
Selidiki لوقا 6:31
8
لوقا 29:6-30
جيڪو توھان جي ھڪ ڳل تي چماٽ ھڻي تنھن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو توھان جو ڪوٽ کڻي وڃي تنھن کي پھراڻ بہ کڻي وڃڻ ڏيو. جيڪو توھان کان ڪجھہ گھري تنھن کي ڏيو. جيڪو توھان جو مال کڻي وڃي تنھن کان موٽائي نہ گھرو.
Selidiki لوقا 6:29-30
9
لوقا 43:6
”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو.
Selidiki لوقا 6:43
10
لوقا 44:6
سڀڪنھن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آھي، ڇوتہ ماڻھو ڪنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن.
Selidiki لوقا 6:44
Halaman Utama
Alkitab
Pelan
Video