اھو جلوو جو تو مون کي ڏنو آھي سو مون کين ڏنو آھي، تہ جيئن اھي گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ ھڪ آھيون. يعني آءٌ انھن ۾ آھيان ۽ تون مون ۾، تہ جيئن اھي پوريءَ طرح پاڻ ۾ ھڪ ٿي وڃن. اھڙيءَ طرح دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آھي ۽ تون انھن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آھي.