1
متي 26:19
Hindu Sindhi Bible
يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر ايشور جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“
Salīdzināt
Izpēti متي 19:26
2
متي 6:19
هاڻ اهي ٻہ نہ، پر هڪ آهن. سو جن کي ايشور ملايو آهي تن کي ماڻهو جدا نہ ڪري.“
Izpēti متي 19:6
3
متي 4:19-5
تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”اوهان پوِتر شاستر نہ پڙهيو آهي ڇا؟ انهيءَ ۾ لکيل آهي تہ ايشور انسان کي شروعات کان وٺي نر ۽ ناري ڪري پيدا ڪيو ۽ فرمايائين تہ ’انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماتا پتا کي ڇڏي پنهنجي پتنيءَ سان گڏجي رهندو ۽ هو ٻئي گڏجي هڪ شرير ٿي ويندا.‘
Izpēti متي 19:4-5
4
متي 14:19
يسوع چين تہ ”ٻارن کي نہ جھليو، انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.“
Izpēti متي 19:14
5
متي 30:19
پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“
Izpēti متي 19:30
6
متي 29:19
جيڪو بہ پنهنجا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتا، پتا، ٻار يا ٻنيون منهنجي ڪري ڇڏيندو تہ ان کي اُهي سؤڻا ٿي ملندا ۽ امر جيون بہ ملندس.
Izpēti متي 19:29
7
متي 21:19
يسوع هن کي چيو تہ ”جيڪڏهن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنهنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُهي پئسا غريبن ۾ دان ڪر، تڏهن ايشور وٽ تو کي خزانو ملندو. سو دان ڪرڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
Izpēti متي 19:21
8
متي 17:19
يسوع وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو ايشور ئي آهي. جيڪڏهن تون امر جيون حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“
Izpēti متي 19:17
9
متي 24:19
آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“
Izpēti متي 19:24
10
متي 9:19
پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“
Izpēti متي 19:9
11
متي 23:19
تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جو آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
Izpēti متي 19:23
Mājas
Bībele
Plāni
Video