تنهن هوندي بہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان جي لاءِ فائدي واري ڳالهہ هيءَ آهي تہ آئون وڃان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون نہ ويندس تہ اُهو مددگار اوهان وٽ ڪين ايندو؛ پر جي ويندس تہ وڃي اوهان ڏانهن موڪليندوسانس. ۽ اُهو جڏهن ايندو، تڏهن دنيا کي گناهہ، ۽ راستبازيءَ، ۽ عدالت نسبت ڏوهاري ٺهرائيندو