1
لوقا 40:12
Muslim Sindhi Bible
تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇو تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اها گھڙي الائجي ڪهڙي هوندي جڏهن ابنِ آدم اچي پهچندو.“
Kokisana
Luka لوقا 12:40
2
لوقا 31:12
سو اوهين پهريائين خدا جي بادشاهيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ اوهان کي اهي سڀ شيون بہ ملي وينديون.“
Luka لوقا 12:31
3
لوقا 15:12
پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“
Luka لوقا 12:15
4
لوقا 34:12
ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ دل بہ اوهان جي اتي ئي هوندي.“
Luka لوقا 12:34
5
لوقا 25:12
ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتين ڪرڻ سان حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟
Luka لوقا 12:25
6
لوقا 22:12
پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘
Luka لوقا 12:22
7
لوقا 7:12
جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“
Luka لوقا 12:7
8
لوقا 32:12
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.
Luka لوقا 12:32
9
لوقا 24:12
ڪانوَن تي غور ڪريو تہ هو نہ پوکين، نڪي لڻين ۽ نہ وري انهن کي اناج جا ڀانڊا يا گودام آهن، تڏهن بہ خدا انهن کي کارائي ٿو. پر اوهين تہ انهن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو.
Luka لوقا 12:24
10
لوقا 29:12
تنهنڪري اوهين کائڻ پيئڻ جي شين جي پٺيان نہ لڳو ۽ انهن بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪريو.
Luka لوقا 12:29
11
لوقا 28:12
ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ خدا ائين پهرائي ٿو تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.
Luka لوقا 12:28
12
لوقا 2:12
ياد رکو، ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.
Luka لوقا 12:2
Ndako
Biblia
Bibongiseli
Bavideo