1
يوحنا 24:4
Hindu Sindi Bible NT
ايشور آتما آهي، سو اهو ضروري آهي تہ ڀڳتي ڪندڙ پوِتر آتما ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس ڀڳتي ڪن.“
Kokisana
Luka يوحنا 4:24
2
يوحنا 23:4
پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا ڀڳتي ڪندڙ پوِتر آتما ۽ سچ جي پيروي ڪندي پتا جي ڀڳتي ڪندا. هائو، پتا بہ چاهي ٿو تہ اهڙا ڀڳتي ڪندڙ هجن.
Luka يوحنا 4:23
3
يوحنا 14:4
پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان جيون جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس امر جيون ڏيندو.“
Luka يوحنا 4:14
4
يوحنا 10:4
يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“
Luka يوحنا 4:10
5
يوحنا 34:4
يسوع کين چيو تہ ”منهنجو کاڌو اهو آهي تہ آءٌ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضيءَ تي هلندي سندس سونپيل ڪم پورو ڪريان.
Luka يوحنا 4:34
6
يوحنا 11:4
ناريءَ کيس چيو تہ ”سوامي! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين جيون جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟
Luka يوحنا 4:11
7
يوحنا 25:4-26
پوءِ ناريءَ يسوع کي چيو تہ ”مون کي سڌ آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان.“
Luka يوحنا 4:25-26
8
يوحنا 29:4
”هلو ۽ هڪ شخص تہ ڏسو، جنهن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آهي. ڇا اهو مسيح تہ نہ آهي؟“
Luka يوحنا 4:29
Ndako
Biblia
Bibongiseli
Bavideo